محسن نقوي مضبوط ماڻهو آهي، هو ڀارت سان اکين ۾ اکيون وجهي وڙهڻ ڄاڻي ٿو: وڪرانت گپتا

نئين دهلي)ويب ڊيسڪ) مشهور ڀارتي اسپورٽس صحافي وڪرانت گپتا پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي جي حڪمت عملي ۽ فيصلن جي واکاڻ ڪئي آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پي سي بي کي پهريون ڀيرو اهڙو مضبوط ماڻهو مليو آهي، جيڪو ڀارت سان ”اکين ۾ اکيون وجهي“ ڳالهائڻ ۽ وڙهڻ جي سگهه رکي ٿو.
هڪ ٽي وي شو دوران ڳالهائيندي وڪرانت گپتا چيو ته ” پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ پهريون ڀيرو ڪو اهڙو شخص آيو آهي جيڪو چوي ٿو ته اچو ته آمهون سامهون وڙهون، ان معاملي ۾ محسن نقوي جس لهڻي.“
واضح رهي ته هي بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارت وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي کي باضابطا خط لکي بنگلاديش جي موقف جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي.
پي سي بي جو چوڻ آهي ته بورڊ موجوده صورتحال ۾ هو بنگلاديش طرفان ڀارت ۾ ورلڊ ڪپ ميچون نه کيڏڻ واري فيصلي جي حمايت ڪري ٿو.
ٻئي پاسي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته محسن نقوي ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ ڀارتي هوڏ خلاف سخت موقف اختيار ڪيو آهي.
محسن نقوي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ پاڪستاني ٽيم جون سموريون تياريون عارضي طور تي روڪرائي ڇڏيون آهن.
ياد رهي ته ايشيا ڪپ دوران جڏهن ڀارتي ٽيم فائنل کٽڻ کانپوءِ محسن نقوي کان ٽرافي وٺڻ کان انڪار ڪيو هو ته جواب ۾ ڀارتي ٽيم کي ٽرافي نه ڏني وئي هئي، جنهن تي عالمي ميڊيا ۾ وڏو بحث ڇڙي ويو هو.
ڪرڪيٽ تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته محسن نقوي جي ان جارحاڻي انداز پاڪستان ڪرڪيٽ جي ساک بحال ڪئي ۽ هاڻي ڀارتي ميڊيا به کيس مڃڻ تي مجبور ٿي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.