ڪراچي ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ خميس کان وقفي وقفي سان گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي موجب، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته رات جي وقت ٿڌ جي شدت ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي، خميس ڏينهن وقفي وقفي سان گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ برسات پوڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي شهر جي گرمي پد بابت ٻڌايو آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 14 کان 16 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، شهر جو وڌ ۾ وڌ گرمي پد 25 کان 27 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 13 ڏهائي 3 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
ان کانسواءِ هوا ۾ گهم جو تناسب 78 سيڪڙو آهي، جڏهن ته شهر ۾ اتر اوڀر کان چار ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گُهلي رهيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.