سلام آباد) ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي بچاءَ واري خواجه آصف جي 18هين ترميم بابت بيان تي حڪومت کان وضاحت طلب ڪري ورتي.
قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران خيالن جو اظهار ڪندي پ پ اڳواڻ نويد قمر چيو ته ڪالهه خواجه آصف گل پلازا سانحي تي ڳالهايو ۽ گڏوگڏ 18هين ترميم جو ذڪر به کڻي آيو، (ن) ليگ جي پارلياماني ليڊر جي بيان کي اسان حڪومت جو پاليسي بيان سمجهنداسين.
هن چيو ته ملڪ سان ڪيئي تجربا ڪيا ويا، هر تجربي سان ملڪ کي اڌ ڪيو ويو، وفاق کان درخواست آهي ته تجربا ڪرڻ بند ڪيو.
ٻئي پاسي قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ خواجه آصف جي بيان کي ذاتي راءِ قرار ڏنو آهي.
اعظم نذير تارڙ چيو ته اسان جا ذاتي رايا هوندا آهن، جنهن کي ذاتي راءِ طور ورتو وڃي، هر فيصلو پارليامينٽ جي راضپي سان ٿيندو آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن خواجه آصف چيو هو ته 18هين ترميم هڪ ڍونگ ثابت ٿي ، سمورا اختيار صوبائي حڪومتن ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن، ڪراچي ۾ ٿيندڙ واقعا ان ڳالهه جي گهر ڪن ٿا ته اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪيا وڃن.