لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپري ليگ ( پي ايس ايل) جي ٽيم سيالڪوٽ جي مالڪ ڪامل خان باظابطا طور فرنچائز جي نالي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪامل خان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي ٽيم جو نالو” سيالڪوٽ اسٽالينز“ رکڻ جو اعلان ڪيو ۽ گڏوگڏ وڊيو پڻ شيئر ڪئي.
واضح رهي ته سيالڪوٽ اسٽالينز جي شموليت سان پاڪستان سُپر ليگ ۾ وڌيڪ رنگ ڀرڻ جي اميد ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته شوقين به نئين ٽيم کي ايڪشن ۾ ڏسڻ لاءِ پرجوش آهن.