ڪراچي/حيدرآباد/سکر(پ ر+نمائندا)عوامي تحريڪ جي سربراهه، قائدِ انقلاب رسول بخش پليجي جي 96هين سالگرهه عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان سموري سنڌ ۾ قومي انقلابي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي.ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ٺٽو، قمبر، لاڙڪاڻو،جنگشاهي، ڪي اين شاهه، ميرپور بٺورو، نوشهروفيروز سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۽ علائقن ۾ سالگرهه جا ڪيڪ ڪاٽيا ويا.لاڙڪاڻي ۾ ايڊووڪيٽ ساجد حسين مھيسر،قادر ڀٽو،ڊاڪٽر سڪندر مغل، پروفيسر ڄام خان جمالي،علي حسن وڪو،ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجو،ايڊووڪيٽ علي محمد وڪو، اعتزاز گائنچو مصطفي الرحمن ابڙو، مقبول راھوجو، ايڊووڪيٽ غلام رسول پٺاڻ ، ايڊووڪيٽ ذوالفقار ميراڻي ، پنھل گاڏھي، ايڊووڪيٽ وقار جمالي ۽ ٻين شرڪت ڪئي تقريب دوران ڪيڪ ڪاٽي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي طرفان سندس آخري آرام گاهه تي گلن جي چادر چاڙهي، سلامي ڏني وئي ۽ قومي ۽ انقلابي گيتن سان ثقافتي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. تقريب ۾ عبدالقادر رانٽو، مرڪزي نور نبي پليجو، شاهه محمد چانگ، بلاول لاشاري، رياض عباسي، ايوب انڙ، غلام علي زئور، دريا خان زئور، تحمينا لاشاري، سائرا رزاق ۽ ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ايس آئي ايف سي تحت سنڌ جي سامونڊي پٽي تي قبضو ڪيو پيو وڃي، هاڻ شاهه حسين ٻيٽ تي به قبضي جي سازش ٿي رهي آهي، پورٽ قاسم ۾ سنڌ جي نوجوانن بدران ٻاهرين کي روزگار ڏنو پيو وڃي، مقامي ماڻهن کي سمورين ڪمپنين ۾ نظرانداز ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمين، درياهه ۽ زراعت تي قبضو ڪيو پيو وڃي.هوڏانهن آرٽ ڪائونسل سکر ۾ سالگره تقريب ۾ نور احمد ڪاتيار، شمشاد ٻپڙ، پارس ڀٽي،مجيد نواز مغل، شاعر خادم منگي، فيض سومروٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.اڳواڻن چيو ته رسول بخش پليجو سنڌ جي سياست جو سدا حيات روشن سج آهي. رسول بخش پليجي جو فڪر، ڪردار ۽ جدوجهد سنڌ جي مظلوم عوام لاءِ مشعلِ راهه آهي، اڳواڻن چيو ته ته آسيا کوسو سان گينگ ريپ ۾ ملوث پوليس عملدارن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي،