اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)پ پ ايم اين اي نبيل گبول چيو آهي ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي سڀ کان ڪرپٽ ادارو آهي،اتي جو اي ڊي پنهنجي پوسٽنگ لاءِ 50_50 لک رپيا ڏيندو آهي،قومي اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اهڙي اداري کي قابو نه ڪري سگهياسين اها اسان جي ناڪامي آهي،وڏي وزير تسليم ڪيو آهي ته بدانتظامي ٿي آهي،جيڪا ناڪامي نظر اچي پئي اها آهي ته پوڻا ٽي ڪروڙ جي آبادي جي لحاظ کان فائر ٽينڊرز تمام گهٽ آهن،هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم ميمبرن جيڪي تقريرون ڪيون انهن جي مذمت ڪريان ٿو،انهن کي سياست جو موقعو ملي ويو،مرتضيٰ وهاب جو سانحي واري هنڌ دير سان پهچڻ مون کي به سمجهه ۾ نه آيو،کيس فوري طور پهچڻ گهرجي ها.