اسلام آباد(عمار مسعود)ڪالهه خواجا آصف جو قومي اسيمبلي ۾ جنهن خطاب نه ٻڌو، ته پوءِ اوهان کي خبر ناهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ ڇا ٿيڻ وارو آهي.خواجا آصف جي تقرير موجب 28هين آئيني ترميم اچي رهي آهي.اڳ اهو چيو پيو وڃي ته 27هين ترميم ڪافي آهي، پر هاڻي 28هين ترميم منظور ٿيڻ واري آهي.اها ترميم خاص طور بلدياتي حڪومتن ۽ مقامي انتظامي سسٽم سان تعلق رکي ٿي.اسان وٽ بلدياتي حڪومتون جمهوريت جي ٽئين سطح (ٿرڊ ٽيئر) آهن،جڏهن بلدياتي نظام صحيح نه هوندو، ته معاملا ٺيڪ نه ٿيندا.ڊڪٽيٽرن (ايوب خان، ضياء الحق، جنرل مشرف) ڪوشش ڪئي ته بلدياتي نظام هجي، پر سياسي جماعتون اختيار پاڻ وٽ رکڻ جي ڪوشش ۾ ئي رڌل رهيون ايم پي ايز قانون سازي لاءِ هوندا آهن، پر انهن کي اڪثر بنيادي ڪم جهڙوڪ رستن، نلڪن، اسڪولن وغيره جا ڪم ڏنل آهن، جيڪي ڪائونسلرز جو ڪم آهن.گل پلازا سانحي اهو سبق ڏنو ته بلدياتي نظام ڪيترو ضروري آهي.ڪراچي جهڙو وڏو شهر، هزارين دڪانن ۽ عمارتن سان، جڏهن انتظامي ڪم نٿو ڪري سگهجي، ته اهو نظام ضروري آهي.پاڻي جو نظام، فائر برگيڊ، ايمرجنسي پروٽيڪشن وغيره موجود نه هجڻ سبب وڏي تباهي ٿي.حڪومت جو فرض آهي ته باهه تي ڪنٽرول ڪري ۽ عوام جي زندگي محفوظ رکي.پيپلز پارٽي جي حڪمراني ۾، گل پلازا جهڙا واقعا ظاهر ڪن ٿا ته سسٽم ڪم نه ٿو ڪري.اين ايف سي جي تحت سنڌ جو حصو صحيح طور تي استعمال نه ٿي رهيو آهي.28هين آئيني ترميم مقامي ۽ بلدياتي حڪومتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ضروري آهي.اهو نظام عوام تائين سهولتون پهچائڻ، شهرن جي تحفظ ۽ زندگي جي حفاظت لاءِ اهم آهي.سياسي جماعتون ۽ حڪومتون جيڪڏهن مقامي سطحي نظام تي ڌيان نه ڏينديون، ته وڏا شهر اڃا به انتظامي بحران ۾ رهندا.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 21 جنوري 2026ع تي شايع ٿيو