ڪراچي(رپورٽر) باهه سبب متاثرگل پلازا جا 2 طبقا صاف ڪيا ويا آهن، جن مان 27 لاش هٿ ڪيا ويا، جڏهن ته 81 گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا جاري آهي. فائر برگيڊ ۽ ريسڪيو اهلڪار گل پلازا ۾ ڪمڪري رهيا آهن جتي ٻه منزلون صاف ڪيون ويون آهن. ڪراچي جي ڏکڻ ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر جاويد نبي کوسو چيو ته باهه کان متاثر ٿيل گل پلازا جي گرائونڊ فلور ۽ پهرين منزل صاف ڪئي وئي آهي. ڊي سي چيو ته اهي ڪٽرن جي مدد سان گرل ڪٽيندي ٻئي ۽ ٽئين منزل ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. جاويد نبي کوسو موجب، گم ٿيل ماڻهن جو تعداد 81 تائين پهچي ويو آهي، ڪجهه نالا ٻه ڀيرا شامل آهن، هن وقت 74 گم ٿيل ماڻهن جي تصديق ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف، پوليس سرجن ڊاڪٽر سامعہ جو چوڻ آهي ته سول اسپتال ۾ هاڻي تائين 27 لاش آندا ويا آهن، 14 لاشن جا نمونا حاصل ڪيا ويا آهن ۽ 14 مان 7 لاشن جي سڃاڻپ مڪمل ٿي چڪي آهي، ستين لاش جي سڃاڻپ قومي سڃاڻپ ڪارڊ ذريعي ممڪن ٿي. پوليس سرجن موجب، فوت ٿيلن جي سڃاڻپ لاءِ 50 خاندانن جا نمونا حاصل ڪيا ويا آهن، سڀئي نمونا سنڌ فارنزڪ ڊي اين اي ليبارٽري ڏانهن موڪليا ويا آهن، ڊي اين اي ٽيسٽ انٽرنيشنل سينٽر فار فارماسيوٽيڪل اينڊ بائيولوجيڪل سائنسز، يونيورسٽي آف ڪراچي ۾ ڪيا ويندا، ۽ ڪجهه انساني عضوا پڻ واقعي واري هنڌ کان آندا ويا آهن، جن تي ڪم ڪيو پيو وڃي.گل پلازا جي ملبي تي درجنين شهري ماتم ڪري رهيا آهن، ۽ اڃا تائين پنهنجن پيارن لاءِ معجزي جي انتظار ۾ آهن. حادثي واري هنڌ تي ماڻهو، پنهنجن پيارن لاءِ تڙپي رهيا هئا، ڪرين جي سامهون آيا، ۽ ان کي ملبو کڻڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن چيو ته انهن کي پهريان لاش هٽائڻ گهرجن. هوڏانهن ايڌي فائونڊيشن جي سربراهه فيصل ايڌي جو چوڻ آهي ته هو اڳ ۾ بلديه فيڪٽري، ڪيميڪلز جي گودام سميت ٻين شديد باهه وارن واقعن جو مشاهدو ڪري چڪو آهي، پر ڪنهن ۾ به عمارت تباهه نه ٿي اهو ضرور سوچڻ جو آهي ته هي عمارت ڇو ڪري؟.گل پلازہ ۾ باهه جي جاچ لاءِ وزيراعلى سيد مراد علي شاهه جي طرفان ٺهيل ڪميٽي جو پهريون اجلاس پڻ اڱاري ڏينهن ڪميشنر ڪراچي جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته دڪاندارن ۽ لاڳاپيل اختيارين جا بيان قلمبند ڪيا وڃن، جيئن باهه لڳڻ جو وقت ۽ ان جون سببون ظاهر ڪري سگهجن.ريسڪيو 1122 جي چيف آپريٽنگ آفيسر عابد جلال بي بي سي کي ٻڌايو ته باهه لڳڻ جي اطلاع ملڻ کان پوءِ سندن ٽيمون لڳاتار ڪم ڪندي رهيون،توهان سڀني ڏٺو ته اندر موجود سامان جي مقدار ۽ نوعيت سبب باهه وسائڻ ۾ ڪافي وقت لڳو، جنهن ڪري هي آپريشن ڊگهو ٿي ويو،هن چيو ته في الحال عمارت جو پويون حصو ڪري چڪو آهي ۽ سامهون جو وڏو حصو به ڪري پيو آهي. مجموعي طور تي عمارت 45 سيڪڙو کان وڌيڪ متاثر ٿي چڪي آهي. تقريباً 22 فائر ٽينڊرز ۽ سينارڪلز هن آپريشن ۾ حصو ورتو،هن چيو ته شروعات ۾ باهه تي ڪنٽرول حاصل ڪيو ويو هو، پر اندر موجود مواد جي نوعيت سبب شعلا اٿي پون ٿا۽ باهه کي مڪمل وسائڻ ۾ وقت لڳو.ميئر ڪراچي مرتضىٰ وهاب مطابق عمارت جي اندر رسائي انتهائي مشڪل آهي. جڏهن باهه مڪمل طور تي وسامي ويندي ۽ ڪولنگ جو عمل مڪمل ٿي ويندو، ته پوءِ اسان سڀني اوزارن جو استعمال ڪري سگهنداسين. آپريشن ۾ صوبي حڪومت جا 112، ريسڪيو 1122، KMC ۽ ڊپٽي ڪميشنر جون ٽيمون موجود آهن.،ريسڪيو 1122 جي ترجمان حسان الحسيب بي بي سي کي ٻڌايو ته گل پلازا ۾ 1200 دڪان آهن، ۽ انهن ۾ جلدي باهه پکڙيندڙ سامان جهڙوڪ پلاسٽڪ فوم، ڪپڙا، قالين ۽ پرفيوم وغيره موجود هئا، جنهن سبب باهه وسائڻ ۾ ڏکيائيون پيش آيون.