ٽن ڏينهن ۾ فائر سيفٽي انتظام نٿا ٿي سگهن: آباد چيئرمين

ڪراچي (م ڊ) آباد چيئرمين چيو آهي ته ٽن ڏينهن ۾ فائر سيفٽي بابت انتظام چاهيون به نٿا ٿي سگهن. 266 عمارتن جي جيڪا لسٽ ڏني وئي آهي ان ۾ رڳو بلڊرن جا پراجيڪٽ ناهن. کوڙ عمارتون 30 کان 40 سال پراڻيون آهن تنهن وقت شايد هي فائرلاز به نه هئا.

  1. گل پلازا ڪرڻ سان رمپا پلازا جو بنياد به متاثر

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) گل پلازه جي حوالي سان ڪجهه ميڊيا رپورٽن ۾ نشر ٿيندڙ خبرن کي مڪمل طور تي بي بنياد ۽ حقيقتن جي ابتڙ قرار ڏئي ٿي. اهو تاثر ڏيڻ ته گلپلازا جو رڪارڊ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي وٽ موجود ناهي، درست ناهي.ايس بي سي اي وٽ گل پلازه سان لاڳاپيل تمام منظور ٿيل رڪارڊ، نقشا، ڪمپليشن پلان ۽ تعميراتي تفصيل محفوظ ۽ دستياب آهن. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ان ڳالهه جي وضاحت ڪري ٿي ته ادارو حقيقتن کي لڪائڻ يا رڪارڊ غائب ٿيڻ جي ڪنهن به تاثر کي مڪمل طور تي رد ڪري ٿو. گل پلازه سان لاڳاپيل تمام قانوني ۽ ٽيڪنيڪي رڪارڊ دستياب آهي،ٻئي پاسي ايس بي سي اي ٽيم پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي سينئر انجنيئر عارف قاسم سان گڏ تباهه حال گل پلازا جو معائنو ڪيو،اختيارين مطابق گل پلازا جو هڪ حصو ڪرڻ سان رمپا پلازا جا ٻه ڪالم متاثر ٿيا آهن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.