ڪراچي (رپورٽر) سنڌ بلڊنگ ڪنترول اٿارٽي آباد چيئرمين کي خط لکي چيو آهي ته ڪي ايم سي جيڪا فائر سيفٽي آڊٽ ڪئي ان تي عمل ڪرايو، حفاظتي اپاءَ نه وٺندڙ بلڊرن کي ٽن ڏينهن جي مهلت ڏني وئي آهي. اهو ڪراچي جي مفاد ۾ آهي ته اپاءَ فوري ورتا وڃن. ٻئي پاسي هڪ بيان ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي چيو آهي ته رڪارڊ لڪائڻ يا گم ڪرڻ بابت تاثر ۾ سچائي ناهي، سمورو رڪارڊ موجود آهي.