ممبئي (ويب ڊيسڪ) آسڪر ايوارڊ يافته بالي ووڊ موسيقار اي آر رحمان انڪشاف ڪيو آهي گذريل اٺن سالن کان بالي ووڊ ۾ کيس ڪم ملڻ بند ٿي ويو آهي.
اي آر رحمان جي ان دعويٰ تي فلم انڊسٽري سان واڳيل ڪيترن ئي ماڻهن جو ردِعمل سامهون آيو آهي.
شاعر ۽ بالي ووڊ لاءِ ماضي ۾ گيت لکندڙ جاويد اختر چيو آهي ته ”مون کي نٿو لڳي ته ان ۾ ڪو فرقيواراڻو مسئلو آهي“
گلوڪار شان چيو ته” مون کي نٿو لڳي ته موسيقي ۾ ڪو فرقيواراڻو يا اقليتي پهلو آهي، جيڪڏهن ائين هجي ها ته اسان جا ٽيئي سپر اسٽار، جيڪي لڳ ڀڳ 30 ورهين کان انڊسٽري تي راڄ ڪري رهيا آهن ۽ بالي ووڊ ۾ ڇانيل آهن، پر ڇا ان سبب سندن مداحن جو انگ گهٽيو آهي؟ اهي ته ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي.“
اي آر رحمان جي دعويٰ تي ناول نگار شوبھا ڊي چيو ته ”هي نهايت خطرناڪ تبصرو آهي، مان پنجاهه سالن کان بالي ووڊ ڏسي رهي آهيان، جيڪڏهن مون ڪا اهڙي جاءِ ڏٺي آهي جيڪا فرقيواريت کان پاڪ آهي ته اها بالي ووڊ آهي، جيڪڏهن اوهان وٽ ٽيلنٽ آهي ته اوهان کي موقعو ضرور ملندو.“
هن وڌيڪ چيو ته ”جيڪڏهن اوهان وٽ ٽيلنٽ ناهي ته ان جو اهو مطلب ناهي ته اوهان کي مذهب جي ڪري ڪم نٿو ملي يا ماڻهو اوهان کي موقعو نٿا ڏين، هو هڪ تمام ڪامياب ۽ ڏاهو شخص آهن، کيس اهو نه چوڻ گهرجي ها جيڪو هو چئي رهيو آهي،ان جو ٻيو ڪارڻ به سگهي ٿو، کائنس ان بابت سوال ڪرڻ گهرجي.“
هن معاملي تي هڪ سوال جي جواب ۾ راڳي ۽ موسيقار شنڪر مهاديون چيو ته ”مان اهو چوندس ته جيڪو ماڻهو گيت ڪمپوز ڪري ٿو ۽ هو جيڪو اهو فيصلو ڪري ٿو ته مون کي اهو گيت وٺڻ گهرجي يا نه، يا ان جي مارڪيٽنگ ڪرڻي آهي يا نه، اهي ٻه ڌار ماڻهو آهن، اهي فيصلا ڪندڙ ماڻهو موسيقي جي شعبي سان لاڳاپيل ناهن.“
اي آر رحمان ڇا چيو؟
ڪيئي بالي ووڊ فلمن ۾ يادگار موسيقي ڏيندڙ آسڪر ايوارڊ يافته موسيقار اي آر رحمان پنهنجي تازي انٽرويوءَ ۾ پنهنجي موسيقي جي سفر، بدلجندڙ سئنما، مستقبل جي رٿائن ۽ سماج جي موجوده ماحول بابت تفصيلي ويچار ونڊيا.
هن مختلف سوالن جا جواب ڏيندي فلم انڊسٽري بابت چيو ته ”شايد گذريل اٺن سالن ۾ طاقت جو توازن بدلجي ويو آهي ۽ جيڪي ماڻهو تخليقي ناهن اهي فيصلا ڪري رهيا آهن، اِهو فرقيواراڻي رخ کان به ٿي سگهي ٿو، پر مون کي ڪنهن سڌي ريت ڪجهه ناهي چيو.“
ان باوجود هن اهو مڃيو ته هن وقت وٽس ڪو به ڪم ناهي.
اي آر رحمان وڌيڪ چيو ته ”ها، ڪجهه ڳالهيون منهنجي ڪنن تائين پهتيون آهن، جيئن ته اوهان کي بڪ ڪيو ويو هو، پر ڪنهن ٻي ميوزڪ ڪمپني فلم کي فنڊ ڏنو ۽ اهي پنهنجا موسيقار کڻي آيا.“
هن چيو ته ”مون چيو ٺيڪ آهي، مان آرام ڪندس، پنهنجي ڪٽنب سان وقت گذاريندس، مان ڪم جي ڳولا ۾ ناهيان، مان چاهيان ٿو ته ڪم پاڻ موٽ اچي، مان چاهيان ٿو ته منهنجي محنت ۽ ايمانداري جي بنياد تي مون کي شيون ملن.“
اي آر رحمان جو چوڻ هو ته مان ان بابت گهڻو نٿو سوچيان، ڇو ته مان نٿو سمجهان ته هي ڪو ذاتي معاملو آهي، هر ڪنهن جي پنهنجي سوچ ۽ پنهنجي ترجيحون آهن، اسان کي ڪيترو ڪم ڪرڻو آهي، اهو اسان جي هٿ وس نه آهي.“
شاعر جاويد اختر اي آر رحمان جي دعويٰ تي ردِعمل ڏيندي چيو ته ”مون ڪڏهن به ائين محسوس ناهي ڪيو، مان ممبئي ۾ سڀني سان ملندو آهيان، ماڻهو اي آر رحمان جي ڏاڍي عزت ڪن ٿا، شايد ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته هو هاڻي اولهه ۾ وڌيڪ مصروف ٿي ويو آهي، يا ماڻهن کي لڳي ٿو ته سندس پروگرام تمام وڏا هوندا آهن، جن ۾ گهڻو وقت لڳندو آهي.“
جاويد اختر وڌيڪ چيو ته ”رحمان ايڏو وڏو نالو آهي جو ننڍا پروڊيوسر به ساڻس رابطو ڪرڻ کان لنوائيندا آهن، پر مون کي نٿو لڳي ته ان ۾ ڪو فرقيواراڻو عنصر آهي.“
واضح رهي ته هن نتيش تيواري جي ايندڙ فلم ”رامائن“ لاءِ موسيقي ترتيب ڏني آهي، ۽ هن مختلف مذهبن سان لاڳاپيل هئڻ باوجود اهڙين فلم لاءِ موسيقي ڏيڻ بابت سوالن جا جواب پڻ ڏنا.“
گذريل سال اي آر رحمان جي ڪمپوز ڪيل فلم ” ڇاوا“رليز ٿي هئي، جنهن تي ڪيترن ئي مورخن تاريخ سان هٿ چراند ۽ فرقيواريت پکيڙڻ جا الزام مڙهيا هئا، فلم رليز ٿيڻ کانپوءِ مهاراشٽر جي ڪجهه علائقن ۾ پرتشدد واقعا به پيش آيا هئا.
ان کانسواءِ شان چيو ته ” جيڪڏهن ڪم نه ملڻ جي ڳالهه ڪجي ته مان اوهان جي سامهون آهيان، مون ڪيئي ئي سال ڳايو آهي، پوءِ به اڄ مون کي ڪم نٿو ملي.“
شان چيو ته هر ڪنهن کي سٺو ڪم جاري رکڻ گهرجي ۽ اهڙين ڳالهين ۾ ڦاسڻ نه گهرجي، هن اي آر رحمان جي ڪم کي ساراهيندي چيو ته هو هڪ حيرت جوڳو موسيقار آهي.
اي آر رحمان جي بيان کان پوءِ سياسي ڌرين طرفان به ردعمل اچڻ شروع ٿي ويو آهي.
شيو سينا اڳواڻ شائنا اين سي چيو ته ”اهو افسوسناڪ آهي جو اي آر رحمان انڊسٽري ۾ فرقيوار بنيادن تي ڪم نه ملڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، کيس هر قسم جا موقعا مليا آهن ۽ ڀارت جي خوبصورتي ان جو تنوع ۽ اتحاد آهي.“
هن چيو ته ” جيڪڏهن ڪو رستو بند ٿي وڃي ته اسان کي سمجهڻ گهرجي ته هڙئي رنڊڪون قابليت سان ختم ڪري سگهجن ٿيون ۽ جڏهن موقعو ملي ٿو ته ماڻهو پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪري ٿو، هي اسان جي ملڪ جي خاص سڃاڻپ آهي ته سڀني کي برابر ترجيح ڏني وڃي ٿي.“
اي آر رحمان جي دعويٰ تي گلوڪار انوپ جلوٽا چيو ته ”اهو قطعي سچ ناهي، حقيقت اها آهي ته هن پنجن سالن ۾ 25 سالن جيترو ڪم ڪيو آهي، هاڻي وڌيڪ ڇا ڪري سگهجي ٿو؟ هن تمام گهڻو ۽ تمام سٺو ڪم ڪيو آهي، ماڻهو سندس تمام گهڻي عزت ڪن ٿا.“