ميڪرون جا ڏينهن پورا؟ ٽرمپ جي اڳڪٿي فرانس ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون طرفان موڪليل هڪ نجي پيغام سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو ۽ چيو آهي ته ميڪرون گهڻو عرصو پنهنجي عهدي تي نه رهندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب گرين لينڊ تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي آمريڪي ڪوششن سبب يورپ ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ سخت تڪرار پيدا ٿي چڪو آهي.
ان معاملي تي يورپ ۾ بيچيني پکڙيل آهي، فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون ان معاملي تي ڪيترن ئي يورپي اڳواڻن جي ڀيٽ ۾ سخت موقف اختيار ڪيو آهي ۽ يورپي يونين جو زور ڏنو آهي ته هو آمريڪا خلاف پنهنجي مضبوط ترين واپاري قدمن کي فعال ڪري.
ڊونلڊ ٽرمپ فرانس جي ان فيصلي تي به ڪاوڙيل نظر اچي رهيو آهي ته هو سندس طرفان تجويز ڪيل ”بورڊ آف پيس، ۾ شامل ٿيڻ کان ڪيٻائي رهيو آهي، ميڪرون ان بورڊ جي گڏيل قومن جي ڪردار تي امڪاني اثرن تي خدشن جو اظهار ڪيو هو.
جڏهن ٽرمپ کان ميڪرون جي ان موقف تي سوال ڪيو ويو ته هن چيو ”ڇا هن واقعي ائين چيو آهي؟ خير، هونئن به ان کي ڪير نٿو چاهي، ڇو ته تمام جلد اقتدار کان ٻاهر ٿي ويندو“.
ٽرمپ وڌيڪ چيو ته مان فرنچ وائن ۽ شيمپين تي 200 سيڪڙو ٽيرف لڳائيندس، پوءِ اهو (ميڪرون) شامل ٿي ويندو، توڙي جو ان جي شموليت ضروري ناهي.
ان بيان جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي ميڪرون سان ٿيندڙ نجي گفتگو جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪري ڇڏيو.
ان گفتگو ۾ ميڪرون لکيو هو ته کيس سمجهه ۾ نٿو اچي ته ٽرمپ گرين لينڊ جي حوالي سان ڇا ٿو ڪرڻ چاهي ۽ هن روس سميت ٻين ملڪن کي دعوت ڏيندي جي سيون اجلاس جي ميزباني جي آڇ به ڪئي هئي.
ان پيغام ۾ ميڪرون ٽرمپ کي پنهنجو ”دوست“ قرار ڏيندي چيو ته هو شام جي معاملي تي مڪمل طور ان سان متفق آهي ۽ ايران جي حوالي سان به گڏجي گهڻو ڪجهه ڪري سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.