راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته مضبوط ۽ عوام دوست پوليس داخلي سلامتي لاءِ اڻٽر آهي، قانون ۽ امن لاڳو ڪرڻ پوليس جي مقدس امانت آهي، هٿياربند فوج سدائين پاڪستان پوليس سان گڏ بيٺي رهندي.
آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير نيشنل پوليس اڪيڊمي اسلام آباد جو دورو ڪيو ۽ پوليس سروس آف پاڪستان جي آفيسرن سان ملاقات ۽ گفتگو ڪئي.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فيلڊ مارشل جو ڪمانڊنٽ نيشنل پوليس اڪيڊمي ۾ شاندار آڌرڀاءُ ڪيو ويو، فيلڊ مارشل کي پوليس دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو، فيلڊ مارشل پوليس شهيدن جي يادگار تي گل رکيا، فاتحه خواني ڪئي ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو.
فيلڊ مارشل دهشتگردي، ڏوهن ۽ سيڪيورٽي چيلينجن خلاف جدوجهد ۾ پوليس اهلڪارن جي قربانين کي ساراهيو، هن آءِ جيز، ايڊيشنل آءِ جيز ۽ سينيئر آفيسرن کي خطاب ڪيو ۽ بين الاداراتي سهڪار ۽ جديد پولسينگ جي اهميت تي زور ڏنو.
آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عوامي اعتماد کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو بيان قرار ڏيندي چيو ته مضبوط ۽ عوام دوست پوليس داخلي سلامتي لاءِ اڻٽر آهي، قانون ۽ امن لاڳو ڪرڻ پوليس جي مقدس امانت آهي، هٿياربند فوج سدائين پاڪستان پوليس سان گڏ بيٺي رهندي.
You might also like