ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي سپر اسٽار اڪشي ڪمار ۽ سندس گهرواري ٽوئنڪل کنا ايئرپورٽ تان گهر موٽندي هڪ غيرمعمولي حادثي جو شڪار ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، اڪشي ڪمار ۽ ٽوئنڪل کنا سومر جي شام پرڏيهه مان ممبئي واپس آيا ۽ گهر ويندي رستي ۾ سندن ڪار ۽ سيڪيورٽي گاڏي حادثي جو شڪار ٿي وئي.
رپورٽ موجب، هڪ تيز رفتار مرسڊيز جي ٽڪر سبب هڪ رڪشا ضابطي مان نڪري پهريان اڪشي ڪمار جي سيڪيورٽي قافلي سان ٽڪرايو ۽ پوءِ اداڪار جوڙي جي گاڏيءَ سان وڃي لڳو.
ميڊيا رپورٽن موجب، اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته حادثو ڏاڍو ڀوائتو هو ۽ هر پاسي افراتفري مچي وئي.
حادثي سبب رڪشا ڊرائيور ۽ سندس سواري گاڏيءَ جي هيٺان دٻجي ويا، پر اڪشي ڪمار ۽ سندس عملي فوري طور مدد فراهم ڪئي ۽ ٻنهي کي بحفاظت ٻاهر ڪڍي ورتو.
رپورٽ موجب، ممبئي جي جوهوءَ واري علائقي ويجهو پيش آيل حادثي ۾ خوشقسمتي سان سمورا ماڻهو محفوظ رهيا.
ياد رهي ته اڪشي ڪمار ۽ ٽوئنڪل کنا پنهنجي شادي جي 25هين سالگرهه ملهائڻ لاءِ پرڏيهه ويا هئا، جتان واپسي دوران هي حادثو پيش آيو.