لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نوازجي پٽ جي شادي ۾ ڌيان جو مرڪز بڻيل پاڪستان مسلم ليگ نون جي سينيئر اڳواڻ ۽ صوبائي وزير مريم اورنگزيب جي حيران ڪندڙ ٽرانسفارميشن جي راز تان سندس ماءُ پردو کڻي ڇڏيو.
مريم نواز اورنگزيب اڄڪلهه پنهنجي غير معمولي ٽرانسفارميشن سبب خبرن ۾ آهي.
جتي ڪيئي ماڻهن ان کي ٻين عورتن لاءِ هڪ متاثر ڪندڙ مثال قرار ڏنو اتي شوبز شخصيتن ۽ فيشن نقادن طرفان به مريم اورنگزيب جي نئين روپ کي ساراهيو ويو.
تازو ئي مريم نواز اورنگزيب جي امڙ طاهرا اورنگزيب هڪ صحافي کي انٽرويو ڏيندي پنهنجي نياڻي جي ان تبديلي واري راز تان پردو کنيو آهي.
طاهرا اورنگزيب جو چوڻ هو ته مريم پهريان ڪريش ڊائٽس تي ڀاڙيندي هئي، مون ڪيئي دفعا کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر هوءَ نه مُڙي، هو ٻن کان ٽن مهينن تائين رڳو ڪافي يا چانهه پيئندي رهي ۽ سخت ڊائٽس فالو ڪندي رهي.
هن واضح ڪيو ته مريم نواز وزن گهٽائڻ لاءِ ڪنهن قسم جي سرجري يا طبي طريقيڪار جو سهارو ناهي ورتو پر سخت ڊائٽ پلان فالو ڪيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته مريم وزن وڌڻ سبب ڊائٽنگ شروع ڪئي، پنهنجي صحت جو خيال رکڻ سٺي ۽ هاڪاري ڳالهه آهي ماڻهو بنا سبب ڳالهيون ڪري رهيا آهن، کين اڳڪٿيون ڪرڻ ڏيو.
Prev Post
ستر سالن جو جهور شيرواني پائي گهوٽ بڻجي سگهي ٿو، مريم پٽ جي شادي ۾ تيار نٿي ٿي سگهي؟ عظميٰ بخاري
Next Post
You might also like