باهه تي سياست نه ڪرڻ کپي، سنڌ واحد صوبو آهي جنهن کليل دل سان مهاجرن جي آجيان ڪئي: شهلا رضا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ ۽ ايم اين اي شهلا رضا چيو آهي ته اهو عجيب آهي جو هڪ واقعي کي بنياد بڻائي اوهان صوبن کان وٺي 18هين ترميم ۽ بنيادي تعليم تائين هليا ويا آهيو.
قومي اسيمبلي ۾ گل پلازا بابت خيالن جو اظهار ڪندي شهلا رضا چيو ته نيوزيلينڊ ۾ باهه لڳي ته چاليهه ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا، لاهور ۾ حفيظ سينٽر ۾ ٽي ڀيرا باهه لڳي پر ان تي ڪا به سياست نه ڪئي وئي، هي باهه آهي، ٿي ويندو آهي.
هن چيو ته حيرت آهي ته هڪ واقعي کي بنياد بڻائي اوهان صوبن، 18هين ترميم ۽ بنيادي تعليم تائين بحث کڻي ويا، جڏهن ته سنڌ هڪ اهڙو خطو آهي جنهن کي قبل از مسيح تاريخ سان ڏسڻ گهرجي.
شهلا رضا جو چوڻ هو ته سنڌ جي تاريخ هزارين سالن پراڻي آهي، هي اهو واحد صوبو آهي جنهن کليل دل سان مهاجرن جي آجيان ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.