ستر سالن جو جهور شيرواني پائي گهوٽ بڻجي سگهي ٿو، مريم پٽ جي شادي ۾ تيار نٿي ٿي سگهي؟ عظميٰ بخاري

لاهور( ويب ڊيسڪ) سڌ سماءُ واري وزير عظميٰ بخاري وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي ڊريسنگ تي تنقيد ڪندڙ سوشل ميڊيا واهپيدارن کي ست سريون ٻڌائي ڇڏيون.
ڪجهه ڏينهن اڳ مريم نواز جي پٽ جنيد صفدر جي شادي جون تقريبون ٿيون، جيڪي سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻيل آهن.
مهندي، شادي ۽ آجياڻي جي تقريبن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل آهن، جن ۾ مريم نواز جي لباس تي ڪجهه ماڻهن تنقيد ڪئي، جڏهن ته ڪجهه واکاڻ ڪري رهيا آهن.
هاڻي عظميٰ بخاري جو هڪ وڊيو بيان پنجاب حڪومت جي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تان جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هو مريم نواز ڊريسنگ تي سوال اُٿاريندڙن کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
صوبائي وزير چيو ته ” مريم نواز بابت بڪواس ڪئي پئي وڃي ته هوءَ ايتري تيار هئي جو ڪنوار لائم لائٽ ۾ نه اچي سگهي، حقيقت اها آهي ته جڏهن مريم تيار نه هوندي آهي ۽ عام ڏينهن ۾ آفيس ايندي آهي تڏهن به هوءَ لائم لائٽ ۾ ئي هوندي آهي.“
هن چيو ته ”مسئلو اهو آهي ته اوهان کي مريم نواز سان ساڙ آهي ته هوءَ سٺي ڇو ٿي لڳي، الله کيس سهڻو ٺاهيو آهي، هاڻي ڇا ڪريون.“
عظميٰ بخاري جو چوڻ هو ته ”جنيد صفدر جي شادي الحمدالله ٽاپ آف دي ٽائون هئي.“
هن وڌيڪ چيو ته “جڏهن مون سوشل ميڊيا تي بدتميزيءَ جو اهو طوفان ڏٺو ته سوچيم ڪيڏا نه اڀاڳا ماڻهو آهن، 70 سالن جي عمر ۾ شيرواني پائي ڪو گهوٽ بڻجي سگهي ٿو، ان جو فوٽو شوٽ ٿي سگهي ٿو، ته پوءِ مريم نواز پنهنجي نوجوان پٽ جي شادي ۾ تيار ڇو نه ٿي سگهي؟“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.