پشاور(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ پائيدار امن جو قيام هاڻي اڻٽر بڻجي چڪو آهي.
خيبرپختونخوا سيڪيورٽي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخوا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن، حڪومت خيبرپختونخوا ۾ امن امان جي صورتحال وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي، صوبي اندر پائيدار امن جو قيام اڻٽر ٿي چڪو آهي.
هن چيو ته قومي سلامتي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، تنهنڪري اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪئي پئي وڃي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون ساراهه جوڳيون آهن، دهشتگردي جي ناسور کي جڙ کان ختم ڪرڻ لاءِ رياست پُرعزم آهي ۽ سڀني کي گڏجي دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻو پوندو.
شهباز شريف جو چوڻ هو ته جيڪڏهن پنجاب ترقي ڪري ۽ ٻيا صوبا ترقي نه ڪن ته اها پاڪستان جي ترقي نه هوندي، ملڪ تڏهن ئي ترقي ڪندو جڏهن سڀ صوبا گڏجي ترقي ڪندا.
هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان کي پنجاب پنهنجي حصي مان 100 ارب رپيا ڏنا، بلوچستان ۾ اهم روڊ ٺاهڻ لاءِ وفاق فنڊ ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته بلوچستان ۾ سولر ٽيوب ويلز لاءِ وفاق 40 ارب رپيا ڏنا آهن.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻين صوبن پنهنجي حصي مان 800 ارب رپيا ڏنا، خيبرپختونخوا جي عوام ريفرنڊم ۾ پاڪستان جي حق ۾ ووٽ ڏنو هو.
شهباز شريف چيو ته فيلڊ مارشل جي قيادت ۾ ڀارت خلاف جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، گذريل سال جنگ دوران ڀارت جا 7 جهاز ڪيرايا ويا ۽ اڄ گرين پاسپورٽ کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو پيو وڃي، اسان معاشي ترقي ۾ تيزي سان اڳتي وڌي رهيا آهيون ۽ ترقي جي شرح کي وڌيڪ تيز ڪرڻو آهي، پاڪستان معاشي طور وڌيڪ مضبوط ٿي رهيو آهي جنهن سبب دنيا ۾ پاڪستان جو وقار بلند ٿيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته اسان 40 لک افغانين جي مهمان نوازي ڪئي، افغانستان پرامن رهڻ چاهي ٿو يا نه، ان جو فيصلو ڪرڻو پوندو، افغان عبوري حڪومت کي پنهنجي عوام تي رحم ڪرڻ گهرجي، نوجوانن کي شدت پسندي کان بچائي هاڪاري رستو ڏيکارڻ وقت جي اهم گهرج آهي.
هن وڌيڪ چيو ته هن خيبرپختونخوا جي وڏي وزير کي فون ڪري عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني، جنهن تي وڏي وزير خيبرپختونخوا شڪريو ادا ڪيو، پر ان کان پوءِ ٻيهر رابطو ناهي ٿيو.
پنجاب بلوچستان کي پنهنجي حصي مان 100 ارب ڏنا، ترقياتي رٿائن لاءِ وفاق صوبي کي فنڊ ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم
You might also like