اسلام آباد(بيورو)مخالف ڌرجي اڳواڻ محمود اچڪزئي چيو آهي ته تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان واعدو ڪري ٿي ته هن ايوان کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اسان پاران توهان کي غيرمشروط حمايت ملندي،هن ايوان کان بغيراسان ڪجهه به ناهيون،هي ايوان پاڪستان جي پاليسين جو مرڪز هئڻ گهرجي،ڀلي حڪمراني توهان جي هجي،غلطيون ٿينديون رهنديون آهن پر گڏ ويهو،قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته هڪ ٻئي کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ سان ڪم نه هلندو،سڄو خطو مشڪل ۾ آهي،هي ملڪ سخت بحرانن ۾ مبتلا آهي،پاڪستان عوامي تحريڪن جي سٽ نٿو سهي سگهي،هن چيو ته توهان جڏهن به ايوان جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندا اسان جا ووٽ توهان سان گڏ هوندا،اسان چاهيون ٿا ته هي ايوان طاقت جو سرچشمو هجي،چاهيون ٿا ته پاڪستان جون گهرو ۽ پرڏيهي پاليسيون هٿان ٺهن،هن چيو ته اسان ڪوشش ڪنداسين ته اسان هن ايوان ۽ ٻاهر اها ڳالهه نه ڪنداسين جيڪا پنهنجي ماءُ ڀيڻ آڏو نٿا ڪري سگهون،مان تفصيلي ڳالهيون سڀاڻي پرائيوٽ ميمبر ڊي تي ڪندس،هن چيو ته مان پ پ ۽ ن ليگ جو مشڪل دور ۾ ساٿي رهيو آهيان،اسان وڪامجڻ وارا ماڻهو ناهيون،مون جيڪو حلف کنيو آهي الله گواهه آهي ته مان اڄ تائين اهو ناهي ٽوڙيو،هن چيو ته مون اڄ تائين پنهنجي پيءُ ڀاءُ جو هٿ ناهي چميو،هن ايوان جي طاقت ۽ عوامي حڪمراني خاطر اسان ۽ توهان جو آرمي چيف اڄ پنهنجي حلف جي تابعداري ڪري،آئين کي مڃي مان هن جو هٿ چمندس،هن چيو ته 25 ڪروڙ انسانن جو ايٽمي ملڪ آهي اڄ اسان فقير آهيون،اسان پگهار کڻون ٿا،ماڻهن کي ڳالهائڻ ڏيو،اهو هيڊماستري جو طريقو”بس چپ“اهو نه هلندو،هن چيو ته آزادي کانپوءِ اسان کان وڌيڪ غربت،فرقا،زبانون هندستان جي حصي ۾ آهيون پرانهن پارليامينٽ کي مضبوط رکيو،توهان ڀلي ڳوليو پر 15 ماڻهو نه ملندا جن کي اهو چئي سگهون ته اسان بحران ۾ آهيون اسان جي رهنمائي ڪريو،ڇو؟پنهنجي ماڻهن کي ڇو بگاڙيو ٿا،اسان جا روڊ محفوظ ناهن،درياءَ محفوظ ناهن،سنڌ روئي رهي آهي،بلوچستان روئي رهيو آهي،هن چيو ته وينزويلا کان اڳ اسان سان به اهڙو ٿي چڪو آهي،ايٽمي ملڪ ۾ رڳو ٻه هيليڪاپٽر آيا،اسان جي خودمختياري تي حملو ڪيو ويو،بهترين فوج،25 ڪروڙ انسان سڀ گهرن ۾ ويٺل رهيا،اسان جيڪو چئون ٿا اهو نٿا ڪريون،هن چيو ته ڪجهه طاقتون چاهين ٿيون ته اسان ڪجهه طاقتن سان ويڙهه ڪريون،انهن کي ميدان جو جنگ نه پيو ملي،اهي يورپ کي خراب نٿا ڪرڻ چاهين،اهي چاهين ٿيون ته هي خطو ميدان جنگ بڻجي،جنگ شروع ٿي ته اها بند نه ڪري سگهنداسين پوءِ دنيا جا مست هاٿي اسان جي قيمتي نعمتن تي والار ڪري ويهي رهندا،هن چيو ته دهشت گردي جي ڳالهه ٿي رهي آهي،اها دهشت زده ڪرڻ سان ٿئي ٿي،اقبال آفريدي کي ايوان ۾ تيره وادي ۾ آپريشن تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني وئي،گذريل ويهن سالن ۾ سوات،وزيرستان ۾ اسان هزارين آبادين کي گهران ڪڍي ڇڏيو،”سکر خالي ڪريو،لاڙڪاڻو خالي ڪريو،دادو خالي ڪريو“ڪنهن لاءِ پڇون ٿا ته چون ٿا ته اسان کي دهشتگرد ڳولڻا آهن،دهشتگرد ته توهان کي لاڙڪاڻي،سکر ۽ دادو جو ماڻهو ٻڌائيندو،باجوڙ کان وٺي خيبر تائين قتل عام جاري آهي،سال ۾ 36 هزار ماڻهو هڪ ٻئي کي مارين ٿا،هي ملڪ ايئن ڪيئن هلندو؟هن چيو ته ان جو حل اهو آهي ته سنڌين کي چئو ته توهان جي ساحل وسائل تي اختيار توهان جو آهي،پشتون وطن جي ماڻهن کي چئو ته توهان جي پهاڙن ۽ ميدانن ۾ الله تعاليٰ جيڪي نعمتون ڏنيون آهن انهن تي پهريون حق توهان جي ٻچي جو آهي،اها ئي ڳالهه بلوچ ،پنجابي ،سرائيڪي ڀائرن سان ڪريو،پاڪستان هڪ حسين گلدستو بڻجي ويندو،هن چيو ته سنڌين کي اهو خطرو آهي ته منهنجي زبان خطري ۾ آهي،اسان هڪ منٽ ۾ هتي ويهي فاٽا کي ڪي پي ۾ ضم ڪري ڇڏيو،اتي مودي سياسي ڪارڪن آهي ان ڪشميرجي خودمختياري واپس کسي ڇڏي،ڪشمير توهان جي فاٽا جي غلط پاليسين جي ڪري هندستان جو حصو بڻجي ويو،اڃا به وقت آهي اسان ويهي ڳالهيون ڪريون، غلط پاليسين جي ڪري پنجاب جو هاري پٽاٽا ڦٽا ڪري رهيو آهي،افغانستان توهان جي منڊي هئي،جيڪڏهن توهان جو ڪو سنڌي،پشتون،بلوچ منشيات يا هٿيارن جي اسمگلنگ ڪري ٿو ان کي گولي هڻو،چمن ۽ ٻين رستن تان سرحدي ڪاروبار بند ڪري توهان هڪ لک خاندانن جو روزگار کسي ڇڏيو،هن چيو ته افغانستان سان شڪايت آهي ته توهان گڏيل قومن کي چئو،پاڙيسري ملڪن جي گول ميز ڪانفرنس گهرايو،وچ اوڀر ۾ طاقت جو توازن اسرائيل ۽ آمريڪا جي پاسي هليو ويو آهي،بچيل طاقت ايران آهي،هن چيو ته اخبارن ۾ آيو آهي ته اسان جون فوجون غزا پيون وڃن،اتي حماس سان وڙهنديون،مان وزيرن کي تجويز ڪندس ته جيڪڏهن توهان لاءِ مشڪل آهي ته هن مسئلي کي ايوان ۾ کڻي اچو،پارليامينٽ توهان کي فوج غزا نه موڪلڻ لاءِ طاقت ڏئي ڇڏيندي،اسان هر جاءِ تي ”ٻين“ جي چوڻ تي ماڻهن کي مارائينداسين ڇا؟هن چيو ته مان عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جو ٿورائتو آهيان جن مون کي اپوزيشن ليڊر بڻايو،اسپيڪر جو به ٿورائتو آهيان،هن چيو ته اسان ته چاهيو پئي ته شهبازشريف،خورشيد شاهه سڀني جي ووٽ سان سينيٽ کي طاقتور ڪريون،سينيٽ کي قومي اسيمبلي جيترا اختيار ڏيون،هن چيو ته 26هين ۽ 27هين ترميمن تي ڏک ٿيو،ڪاش هن ايوان کي طاقت بخشڻ لاءِ ترميمون ٿين ها،هن ايوان کي طاقت ڏيڻ سان ڪهڙو آسمان ڪرندو؟جن ٻارن وڏي عمر جي عورتن تي ڪيس داخل ٿيا اهي واپس ورتا وڃن جي قرارداد منظور ڪرڻ سان ڪهڙو آسمان ٽٽندو؟عمران خان هن ملڪ جو سڀ کان مقبول اڳواڻ آهي اهو چوڻ سان ڪهڙو آسمان ڪرندو؟هن کي جيل مان ڪڍڻ سان هي سڄو ٽمپريچر ختم ٿي ويندو،جيڪڏهن اهو نٿو ٿي سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ عمران خان جي ملاقاتن تي پابندي فوري ختم ٿيڻ گهرجي،هن چيو ته ووٽ کي عزت ڏيو جو جڏهن به نعرو آيو اسان توهان کي سپورٽ ڪنداسين،ميڊيا ۾ آيو ته اپوزيشن ليڊر بڻجڻ لاءِ مون نوازشريف سان ملاقات ڪئي آهي،قرآن جي آيت آهي ته جيڪڏهن توهان وٽ ڪو منافق ڪا خبر کڻي اچي ته ان جي جاچ ڪريو،ائين نه ٿئي ته ڪنهن بيگناهه تي الزام لڳي وڃي،خبر ناهي منهنجي يار کي ڪنهن اها ڳالهه ٻڌائي ته مون نوازشريف سان ڳالهايو آهي؟هن چيو ته نوازشريف منهنجو دوست آهي،شهيد بينظير منهنجي ساٿي هئي،بلاول پٽ وانگر آهي،مان خيرات ۾ وزارت اعظمي به نه وٺڻ وارو ماڻهو آهيان،مان ائين نه ڪندس ته اسپيڪر کي چئي مون کي اپوزيشن ليڊر بڻايو،نوازشريف مون کي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪئي هئي مون کيس چيو ته اهو ڪم نٿو ڪري سگهان،مان وزير ٿيڻ لاءِ نه بڻيو آهيان،مان اهو ماڻهو آهيان جيڪو پٺيان کان اهو چوي ته بچو،هن چيو ته بينظير ڀٽو منهنجي ڀيڻ هئي مان ڀائرن وانگر هن سان وڙهندو هئس ته بي بي هي ڇا ڪري رهي آهين؟نوازشريف سان وڙهندو هئس،عمران خان مشڪل ۾ آهي،جيستائين هو جيل مان نڪري هن ايوان ۾ نٿو اچي مان توهان جي مغزخوري ڪندو رهندس،8 فيبروري تي جيڪو ڪجهه ٿيو ان پاڪستان جو ٽيمپريچر آسمان تائين پهچائي ڇڏيو،ان کي گهٽ ڪرڻ جو بٽڻ توهان وٽ آهي،توهان دٻاءُ ٿورو گهٽ ڪندئو ته ڳالهين جا رستا کلندا،