ڇوڪرين جي تعليم ۾ سڌارن جي ضرورت آهي: شيما ڪرماڻي

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ عورتن واري سيشن ۾ نامياري ڪلاڪار شيما ڪرماڻي ڳالهائيندي چيو ته آئون هن معاشري اندر هڪ عورت سان گڏ ڪلاسيڪل ڊانسر آهيان. جنهن تي فخر آهي. اهوئي منهنجو فن آهي. هن چيو ته بدقسمتي اها آهي جو اسان جي اسڪولن ۾  رقص نٿو سيکاريو وڃي. وڏيري نازو ڌاريجو چيو ته  منهنجو تعلق زميندار فيملي سان آھي. جتي عورت کي صرف گهر تائين محدود ڪيو ويندو آھي، سماجي اڳواڻ ندا پارس چيو ته عورت کي برابري جي بنياد تي نٿو ڏٺو وڃي، هوڏانهن تعليم واري سيشن ۾ نصير ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته اسان کي ڇوڪرين جي تعليم کي ترقي ڏيارڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.