18 جنوري 2026ع جي دهشت ناڪ رات، ڪراچي جي تاريخي بندر روڊ يا ايم اي جناح روڊ تي ’گل پلازا‘ کي باهه لمحن ۾ پنھنجي بي رحم شعلن جي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ بهادر فائر فائٽر سميت گهٽ ۾ گهٽ 14 انسان پنهنجيون حياتيون وڃائي ويٺا ۽ ڪئي زخمي ٿي پيا. صبح ٿيندي ئي هي شهر پنهنجي روايتي بي حسيءَ سان معمول جي زندگيءَ ڏانهن ورڻ لڳو، پر هي رڳو هڪ افسوسناڪ سرخري نه هئي. گل پلازا باهه جي اکرن ۾ لکيل هڪ چتاءُ هو ته پاڪستان جا وڏا شهر اهڙن ٻارڻ بڻيل علائقن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن، جتي ڪنهن قيامت جھڙي سانحي جو ٿيڻ ” بس وقت جي انتظار“ ۾ ھوندو آھي۔ هيءَ باهه ڪو اتفاقي يا اوچتو واقعو نه هئي، پر ان نظام جو اڳواٽ ئي معلوم نتيجو هئي جيڪو حفاظتي معيارن تي سوديبازي ڪري ٿو، اسان مان ھرڪنھن جا زندگيءَ ڏانھن بي پرواھي واري ڪيفيت جو اظھار ڪري ٿو ۽ انساني زندگيءَ کي رڳو ’ڪوليٽرل ڊيميج‘ جيان سمجھي ٿو. بنيادي طور تي هي هڪ جنگي اصطلاح آهي، جنهن جو مطلب ته ڪنهن خاص فوجي ٺڪاڻي کي نشانو بڻائيندي آسپاس جي غير فوجي ملڪيت، مال ۽ شهري جانين کي پهچندڙ ”غير ارادي“ نقصان ڪوليٽرل ڊيميج هوندو آهي. پر اسان جي شهري انتظاميا جي لغت ۾ ان جو مطلب اهو آهي ته ”منافعي، ڪرپشن، زمين جي لالچ ۽ شهري توسيع جي انڌي ڀڄ ڀڄان ۾ جيڪڏهن ڪجهه عام انسانن جون جانيون ضايع ٿي وڃن ته اهو ملڪي ترقيءَ جي عمل ۾ هڪ ’قبول ڪيل ضمني نقصان‘ آهي.“
گل پلازا واري عمارت ڪنھن بدقسمتي جي ڪري نه سڙي آھي، پر ان جو سڙي رک ٿيڻ جو اصل سبب اھو آھي ته پاڪستان جا شهر لنوايل غيرقانوني تعميرن، بچاءُ جي خطرن سان پُر ۽ زندگي کان بي پرواهه نظامن تي بيٺل آهن. گل پلازا انھي نظامن جي ناڪاميءَ جي ”آدم بو آدم بو“ ڪندڙ علائقن مان هڪ آهي، جتي لاپرواهي، ڪمزور نگراني ۽ انساني جان جي گهٽ قيمت هڪ ئي هنڌ گڏ ٿي ويون. هن پلازا جي باهه خاموشيءَ سان پراڻي ۽ اوور لوڊ ٿيل/ وت کان وڌيڪ بجلي جي وزن واري وائرنگ ۾ شارٽ سرڪٽ جي ڪري لڳي، پر ڪجهه ئي منٽن ۾ اها ٽئين درجي جي شعلن ۾ بدلجي وئي. پوري عمارت هڪ چمنيءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳي، جتي دونهين لاءِ نڪرڻ جو ڪو رستو نه هو. اھڙين حالتن ۾ هتي اسان وٽ ماڻهو اڪثر باهه جي شعلن سبب نه، پر بند عمارتن اندر ڦاٿل زهريلي دونهين سبب زندگيون وڃائي ويهن ٿا، جتي ايمرجنسي وارا نڪرڻ جا رستا يا ته بند هوندا آهن يا انهن کي تالا لڳل هوندا آهن.هي هڪ غير قانوني عمل هجڻ باوجود پاڪستان جي مارڪيٽن جو عام معمول آهي.
اسان جي تاريخ اهڙن ”انتظامي ۽ روين جي سبب ٿيل قتلن“ جي خوني داستانن سان ڀريل آهي، جن مان اسان ڪڏهن به سبق نه پرايو آهي: بلديا فيڪٽري سانحو (2012): 260 کان وڌيڪ پورهيت رڳو ان ڪري سڙي رک ٿي ويا، جو عمارت جا نڪرڻ وارا رستا بند هئا ۽ ظلم ته بند ڪيا ويا ھئا . گکڙ پلازا راولپنڊي (2009): جتي باهه وسائيندي 13 فائر فائٽر شهيد ٿي ويا هئا. اڄ 17 سالن بعد گل پلازا ۾ فائر فائٽر جي شهادت ثابت ڪري ٿي ته اسان اڃا تائين پنهنجي بچاءُ ڪندڙن کي بنيادي حفاظتي سامان (پرسنل پروٽيڪشن اڪيوپمينٽ PPE ) تائين ڏئي نه سگهيا آهيون. آر جي مال ۽ عرشي مال (2023): رڳو هڪ سال ۾ ڪراچي جي انهن ٻن واقعن ۾ 16 حياتيون ضايع ٿيون. هڪ رپورٽ موجب، ڪراچي جي 90 سيڪڙو کان وڌيڪ بلند عمارتن وٽ فائر سيفٽي/ باھ کان حفاظت جو ڪو قانوني سرٽيفڪيٽ موجود ناهي.
اقتدار ڌڻين ۽ ايوانن ۾ ويٺل صاحبن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته حڪمراني رڳو طاقت جي ورڇ جو نالو ناهي، پر اهو هڪ ”سماجي معاهدو“ آهي جنهن جي پهرين شرط شهريءَ جي جان ۽ مال جو تحفظ آهي. جڏهن حڪومت پنهنجي شهرين کي ساهه کڻڻ جيتري حفاظت به نٿي ڏئي سگهي، ته پوءِ ان ملڪ جي انتظامي وھنوار تي سوال اٿڻ لازمي آهن. پاڪستاني عوام هاڻي هن سڙندڙ نظام سان وڌيڪ جٽاءُ نٿي ڪري سگھي. ڪروڙين شهرين لاءِ رڳو 25 کان 30 فائر ٽينڊرز جو هجڻ حڪمرانيءَ جي اخلاقي ڏيوالپڻي جو ثبوت آهي. اختيار جي تخت تي ويٺل پاليسي سازن کي اها ڳالهه سمجهڻي پوندي ته جيڪڏهن اڄ عام ماڻهوءَ جي گهر ۾ باهه لڳي رهي آهي، ته ان جو دونهون اوهان جي ايوانن جي وقار کي به ڪارو ڪري رهيو آهي.
هڪ اهڙي ملڪ ۾ جتي قانون رڳو ڪاغذن جي زينت هجي، اتي تبديليءَ لاءِ ”عوامي تحرڪ“ (ماس موبيلائزيشن ) ئي واحد رستو آهي. اسان کي رڳو حادثن تي ماتم ڪرڻ بدران صحت ۽ سلامتيءَ جي قدمن (ھيلٿ اينڊ سيفٽي ميسرز ) کي هڪ عوامي تحريڪ ۽ سياسي ايجنڊا بڻائڻو پوندو. اها وڪالت (ايڊوڪيسي ) تڏهن اثرائتي ٿيندي جڏهن اسڪولن ۾ تعليم ۽ ڊرلن کان وٺي مزدور يونينون، ڪاروباري تنظيمون، سول سوسائٽي ۽ عام شهري پنهنجي ووٽ ۽ حمايت کي ”حفاظتي معيارن“ سان مشروط ڪندا. جيسين اسان جو عوام پنهنجي آئيني، مذھبي ۽ عالمي حياتي جي حق (رائٽ ٽو لائف) کي ترجيح نه ڏيندو، تيسين اختيار جا ايوان رڳو ”ڪميٽيون“ جوڙي معاملي کي لوڙھيندا رهندا. سلامتيءَ جو ڪلچر رڳو انجنيئرنگ جو معاملو ناهي، پر هي هڪ سماجي شعور جو نالو آهي، جنهن جي ذريعي اسان کي ”يار ڇا ڪجي“ واري رويي کي پاڙان پٽڻو پوندو.
حڪومت ۽ اختيار جي ايوانن کي هاڻي روايتي مصلحتن کان مٿانهون ٿي هيٺين قدمن تي تڪڙو عمل ڪرڻو پوندو: ھڪ، بلڊنگ ڪوڊ جو سخت نفاذ: هر تجارتي عمارت لاءِ اڻ ڌري پارٽي (ٿرڊ -پارٽي) کان فائر سيفٽي آڊٽ ڪرائڻ لازمي قرار ڏنو وڃي ۽ خلاف ورزي ڪندڙ عمارتن کي يڪدم سيل ڪيو وڃي. ٻيو، لازمي فائر انشورنس: سڀني بلند عمارتن ۽ مارڪيٽن لاءِ انشورنس لازمي ڪئي وڃي، ته جيئن انشورنس ڪمپنيون پنهنجي مالي نقصان جي بچاءُ لاءِ پاڻ حفاظتي معيارن جي نگراني ڪن. ٽيون، فائر ريسڪيو سسٽم جي جديديت: فائر فائٽرز کي عالمي معيار جو حفاظتي سامان (PPE) ۽ جديد سامان مھيا ڪيا وڃن ۽ شهر جي آباديءَ مطابق فائر اسٽيشنز جو انگ وڌايو وڃي. چوٿون، ادارتي جوابدهي: بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيز ۾ اهڙو نظام آندو وڃي جتي غير قانوني تعميرن جي صورت ۾ رڳو مالڪ نه پر لاڳاپيل آفيسر کي به فوجداري ڏوهه جو ذميوار بڻايو وڃي. آخري ڳالهھ ته عوامي شعور ۽ وڪالت جي مهم: حڪومت ۽ خانگي شعبو گڏجي صحت ۽ سلامتيءَ بابت وڏي پيماني تي آگاهي مهم هلائين ته جيئن شهري پنهنجي حقن ۽ حفاظتي قدمن کان باخبر هجن.
فيصلو ته اوس ڪرڻو آھي هي نه قسمت آهي ۽ نه ئي ڪجهه ماڻهن جي انفرادي غفلت! هي طرزِ حڪمراني، انجنيئرنگ اخلاقيات ۽ شهري ذميواري جي هڪ منظم ۽ شاھڪار ناڪامي آهي. ياد رکو، ڪوبه ملڪ پنهنجي شهرين جي رک يا ڪيري جي ڍير تي وڌيڪ دير تائين بيٺل نٿو رهي سگهي. گل پلازا جو سانحو اسان لاءِ هڪ چٽو چتاءُ آهي ته انساني جان کي ”ڪوليٽرل ڊيميج“ نه پر مقدس امانت سمجهيو وڃي. پاڪستان ۾ شهري باهه جا واقعا حادثا ناهن، پر انسان جا ٺاهيل سانحا آهن، جيڪي پنهنجي ايندڙ عمارتي ايڊريس جا منتظر آهن!