پنج اهم رانديگرن کي آرام، پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ سترنهن رڪني آسٽريلوي اسڪواڊ جو اعلان

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ آسٽريليا پاڪستان جي دوري لاءِ 17 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز لاءِ پاڪستان جو دورو ڪندڙ آسٽريلوي ٽيم جي قيادت مچل مارش ڪندو.
آسٽريلوي اسڪواڊ ۾ شين ايب، زيوئير بارليٽ، ماهلي بئيرڊمين، ڪوپر ڪنولي، بين ڊارشيوس، جيڪ ايڊورڊز ۽ ڪئمرون گرين شامل آهن.
ان کانسواءِ ٽريوس هيڊ، جوش اينگلس، ميٿيو ڪهنيمن، مچل اوون، جوش فلسپ، ميٽ رينشا، ميٿيو شارٽ، مارڪوس اسٽوئنس ۽ ايڊم زمپا به آسٽريلوي اسڪواڊ جو حصو آهن.
پاڪستان خلاف سيريز لاءِ ماهلي بئير ۽ جيڪ ايڊورڊز کي پهريون ڀيرو اسڪواڊ شامل ڪيو ويو آهي، ميٽ رينشا به ٽي ٽوئنٽي ۾ پنهنجو ڊيبيو ڪندو.
واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ اعلانيل اسڪواڊ ۾ شامل 5 رانديگرن کي پاڪستان خلاف سيريز ۾ آرام ڏنو ويو آهي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا جو چوڻ آهي ته ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل پيٽ ڪمنز، جوش هيزل ووڊ، ٽِم ڊيوڊ کي فٽنيس جي بحالي لاءِ وڌيڪ وقت ڏنو ويو آهي.
آسٽريلوي بورڊ تصديق ڪئي آهي ته بِگ بيش ليگ کيڏندڙ نيٿن ايلس ۽ گلين ميڪسويل ورڪ لوڊ مئنيجمينٽ تحت پاڪستان خلاف سيريز ۾ شامل ناهي ڪيو ويو ۽ پنج ئي ڪرڪيٽر سريلنڪا ۾ ٽيم کي جوائن ڪندا.
ياد رهي ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي تيارين جي سلسلي ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.
پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن جي سيريز هلندڙ مهيني جي آخر ۾ کيڏي ويندي، پهرين ميچ 29 جنوري، ٻي 31 جنوري، ٽِين ۽ آخري ميچ پهرين فيبروري تي شيڊيول آهي.
ا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.