پاڪستان ۾ سون وڌيڪ مهانگو، نئون رڪارڊ قائم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ تازي واڌ کانپوءِ سون جو اگهه تاريخ جي نئين بلندين تي پهچي ويو.
عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 75 ڊالر واڌ کانپوءِ 4 هزار 670 ڊالر ٿي وئي، جنهن جو اثر مقامي مارڪيٽن تي به پيو.
پاڪستان ۾ في تولو سون 7 هزار 500 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 89 هزار 362 رپين جي نئين بلند سطح تي اچي ويو، جڏهن ته 10 گرام سون 6 هزار 431 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 19 هزار 549 جي تاريخي سطح تي اچي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.