” مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏينداسين“، بشنوئي گينگ پاران ڀارتي راڳي بي پراڪ کي موتمار ڌمڪيون

ممبئي (ويب ڊيسڪ(ڀارتي ڏوهاري لارنس بشنوئي جي گينگ طرفان پنجابي راڳي پراتيڪ بچن عرف بي پراڪ کي مبينا طور موتمار ڌمڪي ڏني وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، بي پراڪ کي لارنس بشنوئي گينگ جي هڪ رڪن طرفان موتمار ڌمڪي ڏني وئي آهي، جڏهن ته ڏهه ڪروڙ رپيا ڀتو به طلب ڪيو ويو آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بي پراڪ جي ويجهي ساٿي ۽ پنجابي گلوڪار دلنور کي 5 جنوري تي هڪ پرڏيهي نمبر تان ٻه مسڊ ڪالز آيون، جن کي هن نظرانداز ڪيو، پر ٻئي ڏينهن هڪ مختلف پرڏيهي نمبر تان فون ڪال وصول ٿي.
ميڊيا رپورٽن موجب، فون ڪندڙ پنهنجو تعارف ارجو بشنوئي جي نالي سان ڪرايو ۽ دلنور کي چيو ته هو سندن پيغام بي پراڪ تائين پهچائي.
ڌمڪي ڏيندڙ چيو ته ”بي پراڪ تائين اهو پيغام پهچايو ته اسان کي ڏهه ڪروڙ رپيا گهرجن، وٽس هڪ هفتي جو وقت آهي، هو ڪهڙي به ملڪ وڃين، جيڪڏهن بي پراڪ سان لاڳاپيل ڪو به شخص اسان جي ويجهو ڏٺو ويو ته کيس نقصان پهچايو ويندو.“
ڌمڪي ڏيندڙ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مطالبو پورو نه ڪيو ويو ته هو بي پراڪ کي قتل ڪري ڇڏيندا ۽ مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندا.
دلنور جي شڪايت تي پوليس فوري طور ڪيس داخل ڪري ورتو آهي ۽ معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
پوليس اختيارين موجب فون ڪالز جي ذريعن جو پتو لڳائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.
واضح رهي ته پراتيڪ بچن عرف بي پراڪ جو ڳاڻيٽو پنجابي ۽ هندي موسيقي جي سرفهرست فنڪارن ۾ ٿئي ٿو، هو گلوڪاري سان گڏ ميوزڪ ڊائريڪٽر طور پڻ ڪم ڪري ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.