ڪجهه رانديگر مخصوص انداز ۾ قيد هوندا آهن، ڪوهلي اهڙين بندشن کان آجو آهي: گواسڪر

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سنيل گواسڪر چيو آهي ته اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي جي خاصيت اها آهي ته هو ڪنهن تصوير يا تصور جو پابند نه آهي.
سنيل گواسڪر چيو ته ڪيترائي بيٽر ۽ بالر اهو محسوس ڪن ٿا ته کين هڪ خاص انداز تحت کيڏڻو آهي، جڏهن ته ويرات لاءِ اهڙي پابندي نه آهي.
هن وضاحت ڪئي ته ويرات ڪوهلي پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏئي ٿو ۽ سندس ڪم رنسون ٺاهڻ آهي، ڪڏهن هو پهريان احتياط سان کيڏڻ شروع ڪري ٿو ۽ پوءِ جارحاڻو انداز اپنائي ٿو، پر جڏهن ته ڪڏهن هو شروع کان اٽيڪ ڪري فيلڊ کي ڊسٽرب ڪري سنگل ڊبل وٺي ٿو.
گواسڪر چيو ته ويرات کي اهو نه ٿو ڏسڻو پوي ته کيس ڪيئن کيڏڻ گهرجي، پر هو صورتحال موجب کيڏي ٿو ۽ هو ڪڏهن به هار نٿو مڃي، آخر تائين ڪوشش جاري رکي ٿو.
سنيل گواسڪر وڌيڪ چيو ته نوجوان رانديگرن لاءِ سڀ کان اهم سبق اهو قرار ڏنو ته پاڻ کي ڪنهن تصوير يا تصور جو پابند نه ڪيو وڃي، صورتحال پٽاندر کيڏو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.