ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پوليس چيف آزاد خان چيو آهي ته گل پلازا سانحي جي شروعاتي جاچ ۾ تخريبڪاري جون شاهديون ناهن مليون.
گل پلازا جي دوري کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪراچي پوليس چيف چيو ته اهو افسوسناڪ واقعو آهي، جنهن ۾ هيل تائين 14 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي، 18 زخمي، جڏهن ته لڳ ڀڳ 60 ڄڻا گم آهن.
هن چيو ته اسپتال ۾ هاڻ ڪو به زخمي علاج هيٺ ناهي، انتظاميا اسان کي رپورٽ ڏني آهي ۽ ڪنهن جي غفلت ثابت ٿي ته ڪيس به داخل ٿيندو.
You might also like