لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي انتظامي ڍانچي ۾ اهم ڦيرڦار جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ٽورنامينٽ جي يارهين ايڊيشن ۾ رانديگرن جي چونڊ ڊرافٽ بدران نيلامي (آڪشن) ذريعي ڪئي ويندي، آڪشن سسٽم تحت ٽيمون برابري جي بنياد تي ٺهنديون، جڏهن ته رانديگرن کي به وڌيڪ مالي فائدو ٿيندو.
نئين ايڊيشن ۾ مينٽورز، برانڊ ايمبيسڊر ۽ رائيٽ ٽو ميچ وارو قانون ختم ڪيو ويو آهي.
نيلامي کان اڳ هر فرنچائز کي ڪُل چار رانديگر رٽين (واپس) ڪرڻ جي اجازت هوندي، پر شرط اِها آهي ته هر ڪيٽيگري مان وڌ کان وڌ هڪ ئي رانديگر رٽين ڪري سگهجي ٿو.
ميگا ايونٽ ۾ شامل ٻنهي نين ٽيمن کي نيلامي کان اڳ چار چار رانديگر چونڊڻ جو موقعو ڏنو ويندو.
ان کانسواءِ هر فرنچائز کي هڪ پرڏيهي بين الاقوامي ڪرڪيٽر سان سڌي ريت معاهدو ڪرڻ جي به اجازت هوندي.
سڌي ريت معاهدي لاءِ اهل بين الاقوامي رانديگر لاءِ لازمي شرط هوندو ته هو 2025 واري پي ايس ايل ايڊيشن جو حصو نه رهيو هجي.
واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ جو يارهون ايڊيشن 26 مارچ کان شروع ٿيندو.
پي ايس ايل 11 ۾ رانديگرن جي چونڊ ڪيئن ٿيندي؟ ٽورمانيٽ جي ڍانچي ۾ وڏي تبديلي جو اعلان
You might also like