زين شاهه، رياض چانڊيو، نياز ڪالاڻي، صنعان قريشي، سسئي لوهار ۽ ٻين تي بغاوت جو ڪيس داخل

مانجهند(بابو عمراڻي) سن ۾ سائين جي ايم سيد جي 122 هين سالگرهه ملهائڻ جي ڏوھ ۾ ملڪي سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي تي سيد زين شاهه صنعان خان قريشي روشن ٻرڙو رياض چانڊيو عبدالفتاح چنا سسئي لوهار عائشہ سرگاڻي سميت 55 ڄڻا  ڪيس ۾ نامزد  تفصيل موجب سن ۾ گذريل 2 ڏينهن اڳ سائين جي ايم سيد جي 122 هين سالگرهه ملهائڻ تي رياست جي خلاف نعريبازي ڪرڻ تي سرڪاري مدعيت ۾ عورتن سميت 55 قومپرست اڳواڻن ۽  ڪارڪنن تي وڏا ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو  اي ايس آءِ بدرالدين جي فرياد تي ايس يو پي جي صدر سيد زين شاه سينئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو ضلع دادو جي صدر سڪندر سوڍر جسقم چئرمين صنعان خان قريشي جسقم بشير خان قريشي جي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جيئي سنڌ محاذ جي چئرمين رياض چانڊيو جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر جي عبدالفتاح چنا تاج جويو سنڌين نيشنل ڪانگريس جي محب آزاد لغاري سارنگ جويو سورٺ لوهار قومپرست ڪارڪنن انعام عباسي روحيل لغاري صائمه ڀٽو گورنر ڪولاچي حامد ڀٽو اسلم خاصخيلي ۽ ٻيا شامل آهن ڪيس ۾ سياسي اڳواڻن تي ملڪي سالميت کي نقصان پهچائڻ جي الزام هيٺ قلم لڳايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.