سنڌ جي سرڪاري کاتن ۾ لازمي معلومات جو اڌ حصو اڃا به ڳجهو آهي:فافن

اسلام آباد(بيورو)فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽورڪ (فافن) سنڌ جي سرڪاري ادارن ۾ شفافيت بابت پنهنجي جائزي واري رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي۔فافن رپورٽ موجب سنڌ جا سرڪاري ادارا قانوني طور گهربل معلومات مان رڳو 54 سيڪڙو ظاهر ڪن ٿا، جڏهن ته سنڌ جي سرڪاري محڪمن ۾ قانون تحت لازم معلومات جو لڳ ڀڳ اڌ حصو اڃا تائين ڳجهو رکيل آهي، رپورٽ موجب هن جائزي ۾ سنڌ جي 61 سرڪاري ادارن کي شامل ڪيو ويو، جن ۾ سنڌ جا 36 سيڪريٽريٽ محڪما ۽ 25 منسلڪ کاتا شامل آهن، قانون تحت 14 مختلف درجن ۾ معلومات شايع ڪرڻ لازمي آهي، پر فيصلا سازي، مالي شفافيت ۽ حقِ معلومات جي نفاذ بابت اڌ کان وڌيڪ لازميڄاڻ اڃا تائين لڪايل آهي، صوبي سنڌ ۾ گورننس سان لاڳاپيل معلومات جي به کوٽ آهي، گورننس بابت رڳو 15 سيڪڙو ادارن فيصلا سازي جي طريقيڪار جا تفصيلون مهيا ڪيا۔رپورٽ موجب صرف 10 سيڪڙو ادارن انتظامي ۽ ترقياتي فيصلن جون تفصيل ڏنا جڏهن ته 54 سيڪڙو ادارن جزوي يا مڪمل بجيٽ معلومات شايع ڪئي، رپورٽ مطابق سبسڊي ۽ مراعاتي پروگرامن بابت معلومات جي فراهمي انتهائي محدود رهي، اهڙن پروگرامن بابت رڳو 5 سيڪڙو ادارن لاڳاپيل تفصيلون جاري ڪيا،رپورٽ موجب صرف 7 سيڪڙو ادارن رعايتن، اجازت نامن ۽ لائسنسن جي منظوري بابت معلومات فراهم ڪئي۔سيڪريٽريٽ محڪمن اوسطاً 59 سيڪڙو لازمي معلومات ظاهر ڪئي، جڏهن ته منسلڪ کاتا رڳو 48 سيڪڙو ڄاڻ مهيا ڪري سگهيا۔ سيڪريٽريٽ محڪمن مان خزاني وارو کاتو ۽ سيڙپڪاري وارو کاتو سڀ کان وڌيڪ شفاف قرار ڏنا ويا۔فافن رپورٽ موجب وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ کي به سڀ کان وڌيڪ شفاف قرار ڏنو ويو، جنهن 80 سيڪڙو لازمي معلومات ظاهر ڪئي۔ اطلاعات کاتي ۽ هيومن رائيٽس کاتي 73 سيڪڙو، جڏهن ته بيورو آف اسٽيٽڪس 67 سيڪڙو معلومات ظاهر ڪئي۔رپورٽ مطابق رڳو 14 سيڪڙو سرڪاري ادارن پبلڪ انفارميشن آفيسرن جي رابطي جا تفصيلون شايع ڪيا، رپورٽ موجب صرف 6 سيڪڙو ادارن معلوماتي درخواستن تي ڪيل ڪارروائي جو رڪارڊ جاري ڪيو، جائزي ۾ اڪثر سرڪاري ادارن ۾ قانون تي عملدرآمد بابت نمايان خال سامهون آيا۔فافن رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته سنڌ جا صوبائي ادارا ڊجيٽل پليٽ فارمن مان فائدو وٺندي پاڻمرادو معلومات جي فراهمي واري عمل کي مضبوط بڻائين۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.