اياز لطيف دايو: ادبي پيچري جو اڻٿڪ مسافر

تحرير: رئوف پارس دايو

اها هڪ حقيقت آهي ته  اياز اسا نجي حلقي ۾  نظرياتي راهه جو اهو پانڌيئڙو آهي جنهن جو ضياءَ شاهي جي سخت مارشلائي دور ۾ سياسي ۽ نظرياتي ڪردار بهادري، بي ڊپائي ۽ ارڏائي وارو هيو جو کيس ڪڏهن به زندان ۾ وڃڻ جو ڊپ طاري نه رهيو ۽ تا حال سندس اهڙو بي ڊپائي وارو سفر جاري آهي.اياز لطيف دايو سياسي، سماجي توڙي صحافتي ۽ ادبي کيتر مان جنهن به کيتر ۾ ڪم ڪيو  آهي اهو پاڻ ارپڻ واري جذبي ۽ مستقل مزاجي سان ڪيو آهي،پنهنجي موڊ ۽ مرضي کي هميشه ان ڪم يا تنظيم جي تابع رکيو آهي.هن جو مزاج تقليد پسند هجڻ بدران شعور تي آڌاريل رهيو  آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته هن جي ۽ منهنجي ابتدائي ذهني آبياري جا محرڪ ساڳيا ڪردار رهيا آهن جن ۾ فيض سومرو، رياض شاهد دايو(اياز جو وڏو ڀاءُ ۽ منهنجو مامو) اچي وڃن ٿا جن جي همدردي يا واسطو ڪميونسٽ پارٽي يا ان جي اثر وارن محاذن سان رهيو آهي جنهن جو مثال اهو آهي ته جڏهن هن جي وڏي ڀاءُ رياض شاهد دايو جو  واسطو ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي زير اثر ٻارڙن جي تنظيم ساٿي ٻارڙا سنگت جي مرڪزي سرپرست اعلي’ طور، توڙي شاگرد محاذ واري تنظيم ڊي _ ايس _ ايف  سان رهيو ته پنهنجي وڏي ڀاءُ رياض شاهد دايو يا فيض سومرو جي تقليد ڪرڻ بدران هو ٻالجتي جي شعوري ڏاڪي کان (سال 1980 کان 1982 ) ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ جي وطن دوست انقلابي پارٽي جي اثر هيٺ ٻارڙن ۾ ڪم ڪندڙ تنظيم وطن دوست ٻار تنظيم سان رهيو،جنهن ۾ هن مقامي سطح کان ڪم ڪري پنهنجي ڪم جي آڌار تي مرڪزي عهدن تائين رسائي حاصل ڪئي ۽ سال 1982 جي آخر ۾ ساٿي ٻارڙا سنگت سان سلهاڙجي ويو جنهنجو مکيه ڪارڻ ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ شهيد نظير عباسي جي انقلابي جدوجهد  ۽ شخصيت کان متاثر ٿيڻ هو جنهن بعد هن ڪميونسٽ پارٽي جي هارين واري محاذ سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ انقلابي ڪم کي جاري رکيو.هو نهايت ئي ننڍڙِي عمر ۾ ڪتابن طرف راغب ٿيو ۽ پنهنجي گهر اندر هن ۽ سندس ڀاءُ رياض شاهد طرفان قائم ڪيل لائبريري جا ڪيترائي ادبي ۽ انقلابي ڪتاب پڙهي پورا ڪيا،نثر توڙي نظم ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ سندس تحريرون گل ڦل،نئون نياپو ۽ مختلف سنڌي اخبارن جي ادبي صفحن ۾ ڇپجڻ لڳيون تان جو سنڌي ادبي سنگت گهوٽڪي جي سٿ کيس  1983 کان 1984 تائين نهايت ئي ننڍڙي 18 سالن جي ڄمار ۾ کيس شاخ جي سيڪريٽري جي عهدي تي چونڊيو.

اياز لطيف دايو جي ترقي پسند ۽ سيڪيولرسوچ، انقلاب سان رومانس ۽ نظرياتي پختگي جي بنيادن تي کيس ستت ئي سال  84-1983 ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي هڪ سينئر ساٿي نعيم شيخ طرفان اها خوشخبري ٻڌائي وئي ته سندس تصور ۾ موجود ۽ اکين کان اوجهل ان پابندي پيل انقلابي پارٽي ڪميونسٽ پارٽي جي همدرد طور رهڻ بعد کيس گھوٽڪي اندر پارٽي جي ان قائم ڪيل گروپ ۾ گروپ ميمبر طور شامل ڪيو ويو آهي جنهن جو انچارج کيس(نعيم شيخ) کي بڻايو ويو آهي ته اها خوشخبري شايد سندس انقلابي ۽ شعوري سفر تي ڪاربند رهڻ واري زندگي جي وڏي ۾ وڏي خوشخبري هئي،جڏهن گھوٽڪي اندر پارٽي ان قائم ڪيل گروپ جي پهرين گڏجاڻي ٿي ته ان گروپ ۾ شامل ڪيل ٻين گروپ ميمبرن ۾ ڪامريڊ ستار گھوٽو ، آءٌ”(رئوف پارس دايو) ۽ لياقت عباسي عرف منصور عباسي لاءِ اها اچرج ۾ وجهندڙ ڳالهه هئي ته پارٽي ڪنهن به ساٿي تي اها ڳالهه ڪڏهن به عيان نه ڪئي هئي ته ڪهڙو ساٿي ڪڏهن کان پارٽي جي رابطي ۾ هيو.

هارين ۽ آباگارن کان ڍل جي وڌيڪ اوڳاڙي خلاف گھوٽڪي ۾ تحريڪ هلائي ويئي جنهن ۾ مرحوم شاهجهان پنهيار جيڪو ڊي.ايس.ايف سنڌ يونيورسٽي جو اڳواڻ هيو،ان اهم ڪردار ادا ڪيو،سرڪاري طور مقرر ٿيل ڍل جي شيڊول جا پمفليٽ ڇپائي هارين ۾ ورهايا ويا ۽ هارين کي اپيل ڪئي وئي ته هو ان مقرر ٿيل ڍل کان وڌيڪ ڪا به ادائگي روينيو تپيدارن کي نه ڪن ۽ شڪايت جي صورت ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي گهوٽڪي سان رابطو ڪن.نتيجي طور سنڌ هاري ڪاميٽي گھوٽڪي وٽ وڌيڪ ڍل جي اوڳاڙي جو شڪار هارين جي شڪايتن جا انبار لڳي ويا ۽ روينيو کاتي جي اهڙي بدعنواني ۽ ارهه زوراين خلاف غالبن 1986 ۾ گهوٽڪي شهر اندر  هارين جي هڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي جنهن ۾ هاري پنهنجي هارپ جي اوزارن هر،گھوٻا، رنبيون،ڏاٽا،ڪوڏريون،ٽيڪم ۽ ٻيا اوزار ھٿن ۽ ڪلهن تي کڻي ان احتجاجي ريلي ۾ شرڪت ڪئي.

اياز جيتوڻيڪ پنهنجي جوهر ۾ هڪ روشن خيال،ترقي پسند،سيڪيولر ۽ انقلابي آدرشن وارا اوصاف رکندڙ هڪ پختو نظرياتي ڪارڪن ۽ ادبي کيتر جو لکاري رهيو آهي جنهن 1996 کان پنهنجي بئنڪ ڪيريئر جي شروعات ڪرڻ باوجود هن هڪ لکاري طور پنهنجو سفر جاري رکي.هن صحافتي کيتر ۾ 1987 ۾ باقاعدگي سان پير پاتو ۽ اڳتي هلي عوامي آواز اخبار جو گهوٽڪي لاءِ عيوضي مقرر ٿيو. هن نظم توڙي نثر ۾ ادبي رچنائن سان گڏ مختلف موضوعن تي ڪالم لکڻ جي شروعات 1981 کان ڪئي جيڪو سلسلو تاحال جاري آهي ۽ سندس ڪيترائي ڪالم جيئن مون اڳ ذڪر ڪيو ڪيترن ئي رسالن سان گڏ هلال پاڪستان ۽ ٻين اخبارن جي مختلف ادبي صفحن توڙي ميگزينن ۾ چپجندا رهيا هئا.

سال 1988 جي اوائل ۾ سندس انقلابي پارٽي(ڪميونسٽ پارٽي) جي ورهاست ٿي،ٻين نظرياتي  ڪارڪنن جيان اياز جي اکين ۾ سانڀيل انقلابي سپنن ۽ انقلابي رومانس جو ٽٽي ٽڪرا ٿيڻ بعد هن وقتي طور تي صحافت جو مورچو سنڀاليو ۽ سال 1989 ۾ باقاعدگي سان عوامي آواز اخبار جي اجراءَ تي هو ان اخبار جو  گهوٽڪي اندر پهريون رپورٽر مقرر ٿيو ۽ هڪ ڪامياب صحافي طور هن پاڻ ملهايو،جنهن دوران هن باقاعدگي ۽ تسلسل سان مختلف موضوعن توڙي شخصيتن ۽ سماجي انيائن تي ڪيترائي ڪالم لکيا جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپبا رهيا.هو هڪ ڀيرو ٻيهر نظرياتي سياست طرف تڏهن رجوع ٿيو جڏ11 نومبر 2012 تي ٽن ملڪ گير ترقي پسند پارٽين جي انضمام سان هڪ نئين ملڪ گير ،ترقي پسند،جمهوريت پسند،سوشلسٽ جوهر واري پارٽي ”عوامي ورڪرز پارٽي“ جو قيام عمل ۾ آيو ته هو انهي سان هو واڳجي ويو ۽ تا حال ان پارٽي سان ھڪ عام ميمبر طور سلهاڙيل آهي،ان سان گڏ هو ادبي ۽ سماجي محاذ تي پڻ پنهنجو سرگرم ڪردار ادا ڪندو پيو اچي ۽ هن وقت هو سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي آڊيٽر ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن گھوٽڪي شاخ جو جنرل سيڪريٽري ۽ سگا جي شاندار  تعليمي اداري  ”روشن تارا ماڊل هاير سيڪنڊري اسڪول گهوٽڪي جي بورڊ آف گورنرز جي وائيس چيئرمين طور فرائض منصبي سرانجام ڏيئي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.