ٽيڪسن،سرچاج ۽ ڊيوٽين سبب بجلي جا اگهه ناقابل برداشت ٿي چڪا آهن:نيپرا رپورٽ

اسلام آباد(بيورو)نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) جي رپورٽ ۾ اعتراف ڪيو ويو آهي ته بجلي جون قيمتون هاڻي ناقابلِ برداشت ٿي چڪيون آهن۔نيپرا پاور سيڪٽر بابت اسٽيٽ آف انڊسٽري رپورٽ 2025ع جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ٽيڪسن، سرچارجز ۽ ڊيوٽيز سبب بجلي جون قيمتون عوام لاءِ برداشت کان ٻاهر ٿي ويون آهن۔رپورٽ موجب بجلي ورهائيندڙ ڪمپنيون (ڊسڪوز) نقصان گهٽائڻ جا مقرر ڪيل هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون۔ سال 2025ع دوران رڳو هڪ بجلي ڪمپني ٽيسڪو پنهنجو مقرر ڪيل هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي۔نيپرا جي رپورٽ مطابق هڪ سال دوران بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين جي نقصان سبب گردشي قرض ۾ 397 ارب رپين جو  اضافو ٿيو آهي۔رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پاور سيڪٽر جي ادارن ۾ ڊجيٽل ڊيٽا جي کوٽ منصوبابندي لاءِ هڪ وڏو چيلنج بڻيل آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.