ڪراچي/حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پوليس جون ڪارروايون، سائين جي ايم سيد جي سالگرهه تقريبن ۾ شرڪت لاءِ سن ويندڙ ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران جسقم هائوس سڪرنڊ تي چڙھائي ڪري جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي ترجمان آصف رضا مگسي کي کڀي گم ڪري ڇڏيو، ٻئي پاسي خانزاده محله سڪرنڊ ۾ کير جي واڙي تي ڇاپو هڻي جسقم جي ضلعي جنرل سيڪريٽري مسعود شاھ کي پڻ کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جسقم اڳواڻن مصطفيٰ زئور، قربان ٻنڀ، برڪت جلباڻي ۽ مورڙو ميربحر جي اڳواڻيءَ ۾ اسٽيشن روڊ تي جي ايم سيد چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي گرفتارين جي سخت مذمت ڪئي آهي، سائين جي ايم.سيد جي سالگرھ ۾ هر حوالي سان شرڪت ڪنداسين، جڏهن ته نوشهروفيروز پوليس پاران ايس يو پي ضلعي نوشهروفيروز جي ضلعي سيڪريٽري سرواڻ جوکيو، تعلقا صدر فرمان نول ۽ ٻين ڪارڪنن کي گاڏيءَ سميت گرفتار ڪيو ويو، ايس يو پي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته گرفتار ڪيل سمورن ساٿين کي بنا دير ۽ بنا ڪنهن شرط جي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ۽ سنڌ پوليس سياسي حڪمن تي هلڻ بدران آئين، قانون ۽ انصاف جي دائري اندر رهي، ٽنڊو آدم پاران به ايس يو پي طرفان بيان جاري ڪيو ويو ته سنڌ يونائيٽڊ پارٽي ضلعي سانگهڙ جي اڳواڻ ڪامريڊ محمد خان پهنور ۽ تعلقي آرگنائيذر سڪندر ملوکاڻي امداد علي چانڊيو کي (سائين جي ايم سيد) جي ساگراھ تي سن وڃڻ لاءِ تيارن جي ڏوھ ۾ ٽنڊوآدم پوليس گرفتارڪري کڻي وئي آهي جنهن سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي.