ڪراچي/ ملير(پ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته رهبر سنڌ، سائين جي ايم سيد جي 122هين سالگرھ تي ايندڙ جسقم جي قافلن کي روڪيو ويو، نوابشاھ جو ڊي او آصف رضا مگسي، نوابشاھ جو جنرل سيڪريٽري مسعود شاھ ۽ ٻين قومي ڪارڪنن کي جيڪب آباد، مٽياري ۽ گهوٽڪي ضلعن مان گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن جي مذمت ڪجي ٿي سائين جي ايم سيد جو فڪر تاريخ جو سچ آهي، سائين جي ايم سيد، سنڌي قوم ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ تاريخ، سياست، ڪلچر، فلسفي، مذهب تي 62 کان مٿي ڪتاب لکيا آهن، سائين جي ايم سيد 23مارچ جي قرداد ڏيندڙ آهي، ان تاريخي ساز شخصيت جي سالگرھ تي ويندڙ جسقم جي ڪارڪن کي روڪڻ، گرفتار ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، گرفتار سمورن ڪارڪن ۽ اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ سن ايندڙ سيد جي قافلن کي ڇڏيو وڃي، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي ميڊيا ڪو آرڊينيتر ديدار شام وڌيڪ چيو ته اڄ سن ۾ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 122هين سالگرھ جو تاريخي جلسو ٿيندو، ڪارڪن سن پهچن.