وفاق ۽ صوبن وچ ۾ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ٿيڻ گهرجي:ڪائره

دبئي(ڪامران خان )پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر ليڊر قمر زمان ڪائرہ چيو آهي ته موجوده سياسي نظام هڪ هائبرڊ يا هائبرڊ پلس نظام آهي، جنهن ۾ اڻ يقيني صورتحال برقرار آهي. نظام بظاهر صحيح لڳي ٿو، پر جڏهن پاليسيون يا حڪمت عمليون واضح نه هجن، ته غير يقيني صورتحال ختم نه ٿيندي. ماڻهو اڃا به فرد تي ڀروسو رکڻ پسند ڪن ٿا ته جيئن هو مسئلا حل ڪري، جڏهن ته اصل ۾ ادارن تي ڀروسو هجڻ گهرجي.ڪائرہ مطابق، تاريخي طور تي پاڪستان جي سياست ۾ پارٽي ليڊر ۽ ادارن جي وچ ۾ عدم توازن رهيو آهي. نواز شريف ۽ ٻيا سياسي اڳواڻ ٿڪجي پيا آهن، ۽ سياسي پارٽيون ڪڏهن ڪڏهن پنهنجا مقاصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن. قمر زمان ڪائرہ چيو ته اين ايف سي ۾ وفاق هر سال آمدني جو فقط 45.5 سيڪڙو حصو رکي ٿو، جڏهن ته صوبن کي 57.5سيڪڙو حصو ڏنو وڃي ٿو. نتيجي طور وفاق کي قرض ۽ ٻين ضرورتن لاءِ مالي دٻاءُ هوندو آهي. انهي صورتحال کي درست ڪرڻ لاءِ نئين ترميمن (26، 27، 28) ذريعي نظام کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي،هن چيو ته پيپلز پارٽي وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ متوازن وسيلن جي تقسيم چاهي ٿي، ۽ مستقبل ۾ لوڪل گورنمينٽ ۽ انتظامي يونٽن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ جدوجهد جاري رهندي. هن چيو ته سياسي قوتون هڪ ٻئي سان ڊائلاگ ذريعي ڪم ڪرڻ کان سواءِ ملڪ کي استحڪام نه ڏئي سگهنديون.وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ وسيلن جي منصفاڻا تقسيم لازمي آهي.پارليامينٽ کي مضبوط بڻايو وڃي، ته جيئن باقي ادارا به نظام جي ماتحت ڪم ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.