اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ جو رويو ملڪ جي سياست لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪري رهيو آهي، اپوزيشن ليڊر جي مقرري هڪ سٺي پيش رفت هوندي، ۽ وسيلن جي ورڇ جو معاملو رڳو صوبن جي گڏيل اتفاق سان اڳتي وڌي سگهي ٿو. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي بابت ڪا شڪايت ناهي،هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري کي سنڌ جو معاملو ايوان صدر ۾ پيش نه ڪرڻ گهرجي ها،بلاول اها ميٽنگ سيرينا يا ميريٽ هوٽل ۾ ڪري ها ته وڌيڪ بهتر هو،ايوان صدر ته وفاق جي علامت آهي،صدر جو تعلق ڀلي سنڌ سان هجي پر هو پاڪستان جو صدر آهي،اتي ان قسم جو اجلاس مناسب ڳالهه ناهي،اسان ان ڳالهه تي اعتراض فائل ڪرڻ جو ڪو ارادو نٿا رکون،هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته صوبن ۽ وفاق ۾ وسيلن جي ورڇ جو معاملو گهڻي دٻاءُ جو شڪار آهي،ان جو سبب قرضن جي واپسي ۽ ان کانپوءِ وفاق جي خرچن کانپوءِ مرڪز وٽ ڪجهه به نٿو بچي،مرڪز به پنهنجي معاملن کي بهتر انداز ۾ هلائي، هن چيو ته صوبن کي مرڪز کان ئي حصو ملي ٿو،پئسا ته هتان ئي منتقل ٿين ٿا، صوبا پنهنجي طور تي جنريٽ نٿا ڪن،هن چيو ته اسان ۽ پ پ جي راءِ ۾ اختلاف ضرور آهي پر ان اختلاف کي اتفاق ۾ بدلائڻ کان بغير ڪو به قدم نه کنيو ويندو، جيڪڏهن 8 فيبروري کان پوءِ 8 مئي جي احتجاج جي ڪال نه آئي ته باني پي ٽي آءِ سان ملاقات جو مسئلو حل ٿي ويندو۔هن چيو ته پي ٽي آءِ جون سڀئي سياسي سرگرميون عمران خان جي مرهون منت آهن، ۽ جڏهن عمران خان حڪومت ۾ هو ته اپوزيشن سان ويهڻ لاءِ تيار نه هو، ۽ اپوزيشن ۾ به رهندي حڪومت سان ويهڻ لاءِ تيار نه آهي،هن چيو ته بلاول پاران گڊز تي ٽيڪس اوڳاڙي گڏ ڪرڻ واري آڇ تي غور ڪري سگهجي ٿو، اها ڳالهه بلڪل غلط آهي ته ڪو ڪنهن جي حق تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي، يا مرڪز هڪ طرفي طور تي قدم کڻڻ وڃي رهيو آهي،اتفاق راءِ سان ئي فيصلا ڪيا ويندا،چيو ته باني پي ٽي آءِ مسئلا ٽيبل تي ويهي حل ڪرڻ جو حامي نه آهي، ۽ هي پاليسي 2011 کان جاري آهي، جنهن سبب پارٽي ۽ رياست کي مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن۔ پي ٽي آءِ ٻين سياسي جماعتن سان ڳالهين تي يقين نٿي رکي۔هن چيو ته وسيلن جي ورڇ بابت مختلف جڳهن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ به ٿيندي رهندي۔ وفاقي ۽ صوبي جي سطح تي وسيلن جي ورڇ تي ڳالهه ٻولهه جاري رهندي، ملڪ جي قرضن جي واپسي متاثر ٿي رهي آهي، ۽ دفاعي خرچن ۾ واڌ سڪيورٽي لاءِ ضروري آهي۔هن زور ڏنو ته صرف صوبن جي گڏيل اتفاق سان ئي وسيلنجي ورڇ جو معاملو اڳتي وڌي سگهي ٿو، ۽ جيستائين سڀئي صوبا متفق نه ٿين، ڳالهه ٻولهه جاري رهڻ گهرجي ته جيئن نوان خيال سامهون اچن۔ هن چيو ته اها ڪا وڏي پريشاني جي ڳالهه ناهي، ۽ شايد بلاول ڀٽو زرداري مختلف ڳالهين کان متاثر ٿي ائين چيو آهي۔رانا ثناءُ الله واضح ڪيو ته سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي بابت ڪا شڪايت ناهي، وزيراعظم هميشه سنڌ حڪومت تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، ۽ سنڌ حڪومت به وزيراعظم تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي۔ جمهوري دور ۾ سڀني وٽ تنقيد جو اختيار هوندو آهي، ۽ سنڌ حڪومت وفاق تي تنقيد ڪري سگهي ٿي۔هن چيو ته ماڻهو سنڌ حڪومت تي به تنقيد ڪن ٿا، وفاق تي به، جڏهن ته پنجاب حڪومت تي گهڻي تنقيد ناهي، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا حڪومت تي به تنقيد ٿئي ٿي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن مثبت تنقيد به ٿيندي آهي۔ وفاقي حڪومت يا مسلم ليگ (ن) سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي تنقيد نٿي ڪري۔هن چيو ته اپوزيشن جماعتن کي چارٽر آف اڪانومي تي پارليامينٽ اندر ڳالهين ڪرڻ گهرجن۔ هن چيو ته جيڪڏهن 8 فيبروري کان پوءِ احتجاج جي ڪا ٻي ڪال نه آئي ته باني تحريڪِ انصاف سان ملاقات وارو مسئلو حل ٿي ويندو۔ هن چيو ته اپوزيشن کي مسئلن جي حل لاءِ سياسي جماعتن سان ڳالهه ٻولهه شروع ڪرڻ گهرجي، ڇو ته سياسي مسئلن کي حل ڪرڻ جو واحد رستو ڳالهه ٻولهه آهي،سينيٽ ۾ علامه راجا ناصر عباس جي اپوزيشن ليڊر جي مقرري جو پراسيس سينيٽ چيئرمين جي ايندي ئي شروع ٿي ويندو،پي ٽي آءِ وارا واپس آيا ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ ويٺا،انهن کي ڪجهه شين تي حڪومت سان سهڪار ڪرڻ گهرجي، صوبن وچ ۾ فنڊن جي ورڇ جي طريقيڪار بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهو معاملو صوبن جي گڏيل اتفاق سان حل ڪيو ويندو۔ رانا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته پاڪستان تحريڪِ انصاف قومي ادارن خلاف سياست ڪرڻ کان پاسو ڪري،هن چيو ته محمود اچڪزئي ۽ نوازشريف جي رابطي جي خبر ناهي،محمود اچڪزئي اسان جي مشڪل وقت جو ساٿي آهي،محمود اچڪزئي جي باري ۾ نوازشريف ۽ شهبازشريف جا خيال هاڪاري آهن،پي ٽي آءِ جي ماڻهن سان رابطا آهن،پي ٽي آءِ کي پارليامينٽ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي،