پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي وچ ۾ دفاعي معاهدي جو مسودو تيار

اسلام آباد (بيورو) دفاعي پيداوار جي وفاقي وزير رضا حيات هراج انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي تقريبن هڪ سال جي صلاح مشوري کان پوءِ دفاعي معاهدي جو مسودو تيار ڪيو آهي. برطانوي نيوز ايجنسي رائٽرز سان ڳالهائيندي هن چيو ته هي امڪاني ٽي طرفو معاهدو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفي دفاعي معاهدي کان الڳ آهي ۽ ان کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ٽنهي ملڪن جي مڪمل اتفاق راءِ ضروري هوندي. سندس مطابق، معاهدي جو مسودو پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي وٽ آهي ۽ ان تي غور ڪيو پيو وڃي. رائٽرز موجب، هي  ترقي خطي ۾ وڌندڙ تڪرار جي تناظر ۾ دفاعي تعاون کي مضبوط ڪرڻ جي نشاني آهي. ان دوران، ترڪي جي پرڏيهي وزير حاقان فيدان ڳالهين جي تصديق ڪئي پر چيو ته اڃا تائين ڪو به آخري معاهدو نه ٿيو آهي. هن علائقائي اعتماد ۽ گڏيل سيڪيورٽي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.