اسلام آباد (بيورو) مخالف ڌر اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي کي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق اپوزيشن ليڊر جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. نوٽیفڪيشن موجب، قومي اسيمبلي جي قاعدن تحت مخالف ڌر جي اڳواڻ جي مقرري 16 جنوري 2026 کان لاڳو ٿيندي. 9 مئي جي ڪيس ۾ عمر ايوب خان جي نااهلي کان پوءِ اپوزيشن ليڊر جو عهدو خالي ٿيو. پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه ۽ مخالف ڌر اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي اڳواڻ محمود اچڪزئي کي پي ٽي آءِ جي باني عمران خان پاران اپوزيشن ليڊر نامزد ڪيو ويو هو. پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر خان ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن جنيد اڪبر، سردار محمد لطيف خان کوسا ۽ ٻين قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق کان نوٽيفڪيشن وصول ڪيو. محمود اچڪزئي سان مختلف اڳواڻن رابطو ڪري کيس مبارڪون ڏنيون جن ۾ فضل الرحمان، ظهور آغا، غلام علي، اعتزاز احسن، بئريسٽر گوهر شامل آهن. جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان محمود اچڪزئي سان ٽيلي فون تي رابطو ڪري کيس مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته محمود خان اچڪزئي جو پارلياماني ڪردار آئين ۽ جمهوريت لاءِ اهم ثابت ٿيندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته اچڪزئي آئين جي بالادستي، پارليامينٽ جي وقار ۽ عوامي حقن جي تحفظ لاءِ آواز اٿاريندو. سندس چوڻ هو ته موجوده سياسي حالتن ۾ اپوزيشن جو متحد هجڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، آئيني دائري ۾ رهندي جدوجهد ئي ملڪ کي درپيش چئلينجن جو حل آهي. ذريعن موجب، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ مجموعي سياسي صورتحال، پارلياماني حڪمت عملي تي ڳالهيون ٿيون. رابطي کي اپوزيشن پارٽين وچ ۾ وڌندڙ سهڪار جي اهم ڪڙي قرار ڏنو پيو وڃي. ٻئي پاسي سينئر صحافي ۽ تجزئي نگار مظهر عباس موجب، هڪ وقت ۾، عمران خان جو محمود خان اچڪزئي تي تمام سخت موقف هو، پر هاڻي اهو عمران خان هو جنهن کيس اپوزيشن ليڊر بڻايو. محمود اچڪزئي مخالف پارٽين جي اتحاد ‘تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان’ جو سربراهه پڻ آهي ۽ ملڪ جي اهم ترين سياستدانن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي. تنهن ڪري، اهو نه رڳو پي ٽي آءِ کي فائدو ڏيندو پر ان سان حڪومت جي ساک به بهتر ٿيندي. مظهر عباس چيو ته اهو نٿو چئي سگهجي ته برف ڳري هئي، پر اهو يقيني آهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن ٻنهي هن معاملي تي ذميواري جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته هاڻي ڏٺو ويندو ته محمود اچڪزئي سڄي اپوزيشن کي ڪيئن گڏ کڻي هلي ٿو ۽ هو عمران خان جي اميدن تي ڪيتري حد تائين پورو لهي ٿو. سينئر صحافي ۽ تجزيه نگار سلمان غني مظهر عباس سان اختلاف رکي ٿو. سلمان غني چيو ته محمود اچڪزئي جي مقرري پي ٽي آءِ کي فائدو نه ڏيندي. سندس چوڻ آهي ته محمود اچڪزئي، عمران خان جيان، اسٽيبلشمينٽ جي معاملي تي جارحاڻو موقف رکي ٿو ۽ ظاهر آهي ته قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جا ميمبر هڪ متوازن پاليسي چاهين ٿا. پي ٽي آءِ ميمبرن اڌ دل سان محمود اچڪزئي کي اپوزيشن ليڊر بڻايو. محمود اچڪزئي جا خيال عمران خان سان ملندڙ جلندڙ آهن، تنهن ڪري سندس اپوزيشن ليڊر بڻجڻ سان پي ٽي آءِ لاءِ مسئلا وڌيڪ وڌندا. محمود اچڪزئي جو افغانستان ۽ خيبر پختونخوا جي مسئلن تي هڪ خاص موقف آهي ۽ جڏهن هو ايوان ۾ ان تي بحث ڪندو ته ان سان ڇڪتاڻ وڌندي. هو چوي ٿو ته هي پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ پهريون مثال آهي، جنهن ۾ هڪ پارٽي اڳواڻ پنهنجي پارٽي جي اسيمبلي ميمبرن کي نظرانداز ڪندي، ٻي پارٽي جي اسيمبلي ميمبر کي اپوزيشن ليڊر بڻايو. محمود اچڪزئي کي اپوزيشن ليڊر بڻائڻ جي معاملي تي پارٽي ۾ اختلافن جي تاثر کي رد ڪندي، پي ٽي آءِ چيئرمين گوهر خان چيو ته ان حوالي سان پارٽي ۾ ڪي به ٻه رايا نه آهن.