سڪرنڊ ۾ شاگرد راهول جي قتل خلاف تاريخي ڌرڻو

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ ۾ 23 ڏينهن اڳ نوجوان شاگرد راهول جنڊاوڙو جو مبينا گم ٿيڻ بعد لاش هٿ اچڻ واري واقعي ۽ پوليس پاران قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف جنڊاوڙا برادري جي عورتن مردن ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران سڪرنڊ ٿاڻي آڏواحتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، ڌرڻي ۾ راهول جنڊاوڙا جي پيءُ ٻيجل جنڊاوڙو ۽ سندس امڙ استو جنڊاوڙو، شاعر مهر ڊٻائي، شهري اتحاد جي صدر سانول ڪيريو ، نياز لاشاري ، ايس يو پي جي فلڪ شير اوڏ، ايوب کوسو، شمائله ڪيريو ، ايس ٽي پي شاهنواز ڪيريو، سليم مگسي ، جسقم جي مصطفيٰ زئور، جي يو آءِ جي عبدالقيوم چنه ۽ جسم جي منور عمراڻي ، انڊس جي مجيد عباسي، ڊاڪٽر پريم، ڊاڪٽر صدورو ناز ڪيريو، هندو پوج پنچائت جي راجيش ڪمار، گوبند پپو سونارو ، ڊاڪٽر پريم نيشنل پريس ڪلب جي صدر غلام قادر چانڊيو سميت سوين عورتن ۽ مردن وڏي انگ ۾ احتجاجي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته 23 ڏينهن گذرڻ باجود راهول جنڊاوڙو جا قاتل سڪرنڊ پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي، پوليس جي لاپرواهي سبب گم ٿيڻ بعد نوجوان جو لاش مليو هو اڃا تائين پوليس صرف جاچ ڪري رهي آهي جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن. هنن چيو ته حڪمران ڌر ۽ چونڊيل نمائنده خاموش تماشائي بنيل آهن نه ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي اٿن نه ئي ڪا ڪوشش ڪئي اٿن ته ڪو اسان جي معصوم جا قاتل گرفتار ٿين. هنن چيو ته جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته 23 جنوري تي سڪرنڊ کان پيادل مارچ ڪري ڊي آئي جي آفيس شهيد بينظيرآباد آڏو ڌرڻو هنيو ويندو. ٻئي طرف اي ايس پي در تابش مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ۽ کين خاطري ڪرائي ته هڪ هفتي اندر قاتل گرفتار ڪيا ويندا جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، ٻئي پاسي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙ ايس ٽي پي ضلعي صدر شاهنواز ڪيريو خطاب ڪندي چيو ته ايترا ڏينهن گذرڻ باوجود بيگناه قتل ٿيل راهول جنڊاهوڙي جا قاتل ڇو نٿا گرفتار ڪيا وڃن اسان کي خبر آهي ته قاتلن کي سگهاري ڌر جي سپوٽ آهي هتا جا چونڊيل نمائيندا مثاترين جي بجا قاتلن جي سپوٽ ڪري رهيا آهن اوهان پوليس آفيسر اسان جي ٽيڪس مان پگهار کڻو ٿا اوهان عوام جا نوڪر آهيو پر شايداها ڳالهه اوهان کان وسري وئي آهي ايس پي نوابشاهه ايس ايڇ او سڪرنڊ رڳو چونڊيل نمائندن انهن جي ڪمدارن مير پيرن جي واٺاگيري ڪرڻ ۾ پورا آهن وڏن ماڻهن کي پرٽوڪول ڏيڻ ۾ پورا آهن هاڻ گهڻو برداش ڪيو آهي سڪرنڊ جي عوام سان پوليس جي بدماشي هر گز نه هلندي اوهان قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام آهيو ۽ راهول جي وارثن تي پريشر وجهي رهيا آهيو اها اوهان کي ڀل آهي ته اوهان راهول جي قاتلن کي بچائي ويندو، اسان  راهول جي قاتلن جي گرفتاري تائين خاموش نه ويهنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.