ڀارتي ڪوسٽ گارڊ هٿان 9 پاڪستاني مهاڻا گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عربي سمنڊ ۾ پاڪستاني مهاڻن جي ٻيڙي کي ڀارتي ڪوسٽ گارڊ قبضي ۾ وٺي نوَ پاڪستاني مهاڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ڀارتي اختيارين موجب ٻيڙي مان اٽڪل 500 ڪلوگرام مڇي ۽ مڇي مارڻ جو سامان به پنهنجي قبضي ۾ ورتو ويو آهي.
ڪوسٽل ميڊيا سينٽر جي انچارج موجب، گرفتار مهاڻن جو تعلق ڪراچي جي علائقي ابراهيم حيدري سان آهي، جڏهن ته ڪا به غيرقانوني يا شڪي شئي هٿ نه آئي آهي.
ترجمان موجب، اهو واقعو گجرات ويجهو کليل سمنڊ ۾ پيش آيو، جتي پاڪستاني مهاڻا روايتي شڪار وارن علائقن ۾ مڇي پڪڙي رهيا هئا.
ڪوسٽل ميڊيا سينٽر جي انچارج جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.