لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) هلندڙ مهيني جي آخر ۾ آسٽريليا خلاف لاهور ۾ شيڊيول وائيٽ بال سيريز جي ميچن جي وقتن ۾ تبديلي جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، ميچن جي وقت ۾ تبديلي بابت جلد اعلان ڪيو ويندو، اهو فيصلو موسمي شدت کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽي ٽوئنٽي ميچون شام چئين وڳي شروع ٿينديون، جڏهن ته ٽاس ساڍي ٽِين وڳي ٿيندي.
پهرئين شيڊيول موجب، ميچون ڇهين وڳي شروع ٿيڻيون هيون ۽ ٽاس ساڍي پنجين وڳي ٿيڻي هئي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز 29 جنوري کان شروع ٿيندي، سيريز جي ٻي ميچ 31 جنوري تي جڏهن ته ٽِين ۽ آخري ميچ پهرين فيبروري تي شيڊيول آهي.
هيءَ سيريز آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 کان اڳ ٻنهي ٽيمن لاءِ انتهائي اهم قرار ڏني پئي وڃي، ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان گروپ اي ۾ جڏهن ته آسٽريليا گروپ بي ۾ شامل آهي.
You might also like