ڪراچي: ٽريفڪ پوليس موبائيل ايپ ذريعي به ” اي چالان“ جي تياري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سيف سٽي ڪئمرائن جي ذريعي اي چالان کانپوءِ هاڻي موبائل فون جي هڪ خاص ايپ وسيلي به اي چالان جو سلسلو شروع ڪيو پيو وڃي.
پوليس اختيارين موجب، ان سلسلي ۾ هڪ خاص ايپ تيار ڪرائي وئي آهي، جنهن ذريعي جلد ئي آزمائشي طور ڪم شروع ڪيو ويندو.
اختيارين موجب، خاص ايپ ڪراچي جي پوليس آفيسرن جي ذاتي موبائل فونز ۾ ڊائون لوڊ ڪئي ويندي، پوليس آفيسر ڊيوٽي دوران پنهنجي علائقي ۾ ڪنهن به گاڏي کي ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي ڏسندو ته هو ايپ ذريعي تصوير ڪڍندو.
اختيارين ٻڌايو ته پاڻمرادي سسٽم تحت اِها تصوير ٽريفڪ پوليس جي اي چالاننگ آفيسر تائين پهچندي، جيڪو ان ڀڃڪڙي تي اي چالان جاري ڪندو، جڏهن ته لاڳاپيل چالان ۾ ٽريفڪ پوليس آفيسر جي نشاندهي پڻ شامل هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.