اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي ڪريڪ ڊائون بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي آهي، جنهن موجب ملڪ ۾ غير اخلاقي مواد سرفهرست رهيو آهي.
رپورٽ موجب، غيرقانوني ڊجيٽل مواد ڦهلائڻ تي هڪ ملين کان وڌيڪ ويب لنڪس ۽ يو آر ايل بلاڪ ڪيا ويا، جن ۾ فيس بڪ ۽ ٽڪ ٽاڪ تي غيرقانوني ۽ نامناسب مواد شيئر ڪرڻ سبب سڀ کان وڌيڪ بلاڪنگ ڪئي وئي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پي ٽي اي فيس بڪ جا 2 لک 29 هزار لنڪس چيڪ ڪري رپورٽ ڪيا، جن مان هڪ لک 97 هزار بلاڪ ڪيا ويا، انسٽاگرام تي 43 هزار يو آر ايل چيڪ ڪيا ويا، جنهن کانپوءِ 38 هزار بند ڪيا ويا، جتي بلاڪنگ ريٽ 87 سيڪڙو رهيو.
رپورٽ موجب، ٽڪ ٽاڪ جا هڪ لک 74 هزار کان وڌيڪ غيرقانوني مواد جا لنڪس چيڪ ڪيا ويا، هڪ لک 63 هزار کان وڌيڪ ٽڪ ٽاڪ وڊيوز جا لنڪس بند ڪيا ويا، ٽڪ ٽاڪ تي سڀ کان سخت ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو ۽ 94 سيڪڙو مواد بلاڪ ٿيو.
اهڙي ريت يوٽيوب تي 72 هزار لنڪس جي جاچ ڪئي وئي، جن مان 64 هزار کان وڌيڪ لنڪس بلاڪ ڪيا ويا، ايڪس تي هڪ لک 12 هزار کان وڌيڪ لنڪس چيڪ ڪيا ويا، جن مان 70 هزار 800 لنڪس بلاڪ ڪيا ويا.
رپورٽ موجب، ايڪس تي بلاڪنگ ريٽ سڀ کان گهٽ رهيو، جتي رڳو 62 سيڪڙو مواد بلاڪ ٿي سگهيو، جڏهن ته ٻين مختلف پليٽ فارمن تي 8 لک 98 هزار لنڪس جي چيڪنگ ڪئي وئي، جن مان 8 لک 91 هزار لنڪس بلاڪ ڪيا ويا.
رپورٽ موجب، توهين عدالت، بيهودگي، مذهب جي خلاف، پراڪسي ۽ نفرت جوڳي مواد جا 14 لک کان وڌيڪ لنڪس ۽ يو آر ايل بند ڪيا ويا.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته غير اخلاقي مواد سرفهرست رهيو، 10 لک 61 هزار کان وڌيڪ لنڪس بلاڪ ڪيا ويا، رياست جي خلاف هڪ لک 48 هزار لنڪس بلاڪ ڪيا ويا، مذهب جي خلاف مواد تي هڪ لک 9 هزار کان وڌيڪ لنڪس بند ڪيا ويا، جڏهن ته فرقيواراڻي ۽ نفرت جوڳي مواد تي 76 هزار لنڪس بلاڪ ڪيا ويا.
ان کان کانسواءِ ساک کي ڇيهو رسائڻ ۽ جعلي سڃاڻپ بابت مواد تي بلاڪنگ ريٽ سڀ کان گهٽ رهيو.
You might also like