اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊيول واپس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد)ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن وفاقي گادي واري شهر ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊيول واپس وٺي ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، حڪومت 10 جنوري تي اسلام آباد لاءِ بلدياتي حڪومت ترميمي آرڊيننس جاري ڪيو، جنهن تحت شهر ۾ مڪاني حڪومت جو ڍانچو تبديل ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مڪاني حڪومتن جي چونڊن جو موڊ به تبديل ڪيو ويو آهي، جنهن سبب اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ مڪاني حڪومتن جي چونڊن جو پروگرام واپس وٺي رهيو آهي.
واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ 15 فيبروري تي بلدياتي چونڊن جي شيڊيول جو اعلان ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.