اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته افغان طالبان ۽ ٽي ٽي پي جي ڳٺ جوڙ جا جوڳا ثبوت موجود آهن.
قومي پيغام امن ڪميٽي جي ميمبرن سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جو ناسور ٻيهر ڪُر کڻي رهيو آهي، 2018ع وانگر دهشتگردي کي ٻيهر چيڀاٽي ڇڏينداسين، دهشتگردن کي پاڪستان جي سرحدن تان کڻي هندي سمنڊ ۾ ٻوڙيو ويندو.
هن چيو ته افغان طالبان ۽ ٽي ٽي پي جي ڳٺ جوڙ جا جوڳا ثبوت موجود آهن ۽ دشمن طرفان کين هر قسم جا وسيلا فراهم ڪيا پيا وڃن.
شهباز شريف جو چوڻ هو ته سڀني مڪتبه فڪر جي علمن جو هتي هجڻ سٺي ڳالهه آهي، قومي ايڪي جي اڄ جيتري ضرورت آهي اڳ شايد ڪڏهن نه هئي، گڏ ويهي معاملا طئي ڪرڻ جي ضرورت آهي.
افغان طالبان ۽ ٽي ٽي پي جي ڳٺ جوڙ جا جوڳا ثبوت آهن، دهشتگردن کي هندي سمنڊ ۾ ٻوڙيو ويندو: وزيراعظم
You might also like