اسلام آباد)ويب ڊيسڪ) اپوزيشن اتحاد تحريڪِ تحفظِ آئين پاڪستان جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي کي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر مقرر ڪيو ويو آهي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق اپوزيشن ليڊر جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ محمود خان اچڪزئي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ بڻجي ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، قومي اسيمبلي بزنس رولز تحت اپوزيشن ليڊر جي مقرري 16 جنوري 2026 کان لاڳو هوندي.
واضح رهي ته اپوزيشن ليڊر جو عهدو 9 مئي ڪيس ۾ عمر ايوب جي نااهلي کانپوءِ خالي ٿيو هو.
پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه ۽ اپوزيشن اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي اڳواڻ محمود اچڪزئي کي پي ٽي آءِ باني عمران خان اپوزيشن ليڊر نامزد ڪيو هو.
You might also like