اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ تي قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي.
اليڪشن ڪميشن موجب، قومي اسيمبلي جي 32 ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پنجاب اسيمبلي جا 50 ۽ سنڌ اسيمبلي جا 33 ايم پي ايز معطل ٿيندڙن ۾ شامل آهن.
معطل ٿيل قومي اسيمبلي جي ميمبرن ۾ وفاقي وزير خالد مقبول صديقي، سيد علي موسيٰ گيلاني ۽ سيد عبدالقادر گيلاني به شامل آهن.
ان کانسواءِ پنجاب اسيمبلي جي معطل ٿيل ميمبرن ۾ راڻا سڪندر حيات، عدنان ڊوگر، عامر حيات هراج ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبرن ۾ صوبائي وزير سعيد غني شامل آهن.
You might also like