حيدرآباد (پ ر) ڊي سي دادو ۽ ڊي ايڇ او دادو طرفان ليڊي هيلٿ ورڪرز کي هراسان ڪرڻ جي مذمت ڪندي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ماروي سنڌو، مرڪزي اڳواڻ سڀاني ڏاهري، بختاور ملاح ۽ صائما مڱڻهار پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ليڊي ھيلٿ ورڪر انتھائي ڏکي صورتحال ۾ گھر گھر وڃي، صحت جو ذميوايون ادا ڪن پيون، سنڌ سميت پاڪستان ۾ ليڊي ھيليٿ ورڪرن جو ڪم ساراھ جوڳو آھي. ڪجھه ڏينھن پھرين دادو ۾ پوليو جي مھم دوران ھڪ گڏجاڻي ۾ پوليو ورڪرن پوليو ڦڙا پيارڻ دوران آيل مسئلن جي نشاندھي ڪئي ۽ سيڪورٽي جي گھر ڪئي، ان ورڪرز جي جائز گھر تي ڌيان ڏيڻ بدران جاگيردارن جي جي حضوري ڪندڙ ڪامورا شاھي سيڪيورٽي جي گهر ڪندڙ پوليو ورڪرز کي هراسان ڪيو ۽ ڊيوٽي تان ھٽائي ڇڏيو جيڪا پوليو ورڪرز سان سراسر ناانصافي آھي، سنڌ سرڪار جي نااهليءَ سبب گذريل سال جيڪب آباد ۾ هڪ پوليو ورڪر سان جنسي ڏاڍائي ٿي هئي، سنڌ ۾ پوليو ورڪرز جي اغوائن ۽ قتلن جا ڪيس به رپورٽ ٿيندا رهن ٿا ان باوجود پوليو ورڪرز کي سيڪيورٽي نه ڏيڻ سنڌ سرڪار جي عورت دشمني جي انتها آهي، معصوم ٻارڙن کي پوليو جهڙي وبائي بيماري کان بچاءُ جا گهر گهر وڃي ڦڙا پيئاريندڙ عورتون فيلڊ ۾ به هراسمينٽ جو شڪار آهن، اهڙي صورتحال ۾ سيڪيورٽي جي گهر ڪندڙ پوليو ورڪرز کي ڊي سي دادو طرفان هراسان ڪرڻ پوليو مهم ناڪام بڻائڻ جي سازش آهي، پوري دنيا مان پوليو ختم ٿي چڪو آهي پر پاڪستان جا حڪمران فنڊنگ هڙپ ڪرڻ لاءِ پوليو مهم کي هٿ وٺي ناڪام بڻائي رهيا آهن. ھن قدم جاگيردار نواز پي پي جي سنڌ سرڪار جي پت وائکي ڪري وڌي آھي ته سنڌ حڪومت عورتن کي تحفظ ڏيڻ بدران معاشي حراسان ڪري رھي آھي، سنڌ جون عورتون ڪٿي به محفوظ ناهن، پي پي سرڪار عدالتن کي قيد ڪري سنڌ کي صديون پوئتي ڌڪي جاگيردار شاهي مڙهي ڇڏي آهي. اڳواڻن چيو ته پي پي جي سنڌ سرڪار ڪامورا شاهي کي وڏيرو بڻائي ڇڏيو آهي، جيڪي سرڪاري آفيسن کي وڏيرن جي اوطاق بڻايون ويٺا آهن، سنڌ جي ڪامورا شاهي کي انگريز سرڪار جي سُتي پيل آهي جيڪي سنڌي قوم کي غلام سمجهن ٿا. سرڪاري آفيسن ۾ عورتن کي هراسان ڪندڙ ڪامورن کي پي پي جي سنڌ حڪومت جي سرپرستي حاصل آهي، سرڪاري آفيسن ۾ عورتن کي هراسان ڪندڙ ڪامورا قانون جي پڪڙ کان آجا آهن، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته پوليو ورڪرز کي فوري طور سيڪيورٽي ڏني وڃي، سيڪيورٽي جي گهر ڪندڙ ليڊي هيلٿ ورڪرز کي هراسان ڪندڙ ڊي سي دادو ۽ ڊي ايڇ او دادو کي فوري طور هٽايو وڃي.