اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي مقرري لاءِ نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ مڪمل ٿي وئي آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ سمري اسپيڪر آفيس ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي ۽ محمود خان اچڪزئي جي مخالف ڌر جي اڳواڻ بڻجڻ جو امڪان آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڪالهه اميدوار جي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي. ٻئي پاسي راڻا ثناءُالله جو چوڻ آهي ته محمود خان اچڪزئي جو مخالف ڌر اڳواڻ طور مقرري جو نوٽيفڪيشن اڄ تائين ٿي ويندو.