پشاور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته هوشمندي جي گهرج آهي ته ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي، اسان نٿا چاهيون ته ڪو اهڙو قدم کنيو وڃي جنهن سان پاڪستان کي نقصان پهچي، هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته جڏهن سهيل آفريدي ڪراچي ويو ته ماڻهن سندس شاندار استقبال ڪيو، جنهن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته هاڻ سڀني کي خبر پئجي وئي آهي ته ملڪ غلط رخ تي وڃي رهيو آهي، پاڪستان جو عوام هاڻ پنهنجو ڪيس پاڻ وڙهندو، ڇاڪاڻ ته آئين عوام کي اهو حق ڏئي ٿو ته هو پنهنجي لاءِ آواز اٿاري، اسان پنهنجو ڪيس اڳ ئي عوام آڏو رکي ڇڏيو آهي، هن چيو ته 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن ذريعي عدليه کي ڪمزور ڪيو ويو آهي، تاريخ پنهنجو فيصلو پاڻ ڪندي، هاڻي هر ماڻهو کي اهو طئي ڪرڻو آهي ته هو ڪهڙي نموني زندگي گذارڻ چاهي ٿو، جيڪي ماڻهو هن وقت نظام تي مڙهيل آهن، انهن کي عوام سان گڏ ويهڻو پوندو، هن وقت ملڪ ۾ نه ترقي ٿي رهي آهي ۽ نه ئي سيڙپڪاري اچي رهي آهي، اڃا تائين اپوزيشن ليڊر جي مقرري نه ٿي سگهي آهي، محمود خان اچڪزئي کي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر مقرر ڪيو وڃي.