اوچتو وزن ۾ لاٿ، عامر خان جو پنهنجي صحت بابت وڏو انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان انڪشاف ڪيو آهي ته هن ”اينٽي انفلامنٽري ڊائيٽ“ ذريعي 18 ڪلو وزن گهٽايو آهي، جنهن جو اصل مقصد وزن گهٽائڻ نه پر مائيگرين مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ هو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، اداڪار عامر خان پنهنجي ڀاڻيجي عمران خان جي فلم ”هيپي پٽيل: خطرناڪ جاسوس“ جي پروموشن دوران ڀارتي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته سندس وزن ۾ گهٽتائي غير ارادي طور ٿي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، عامر خان چيو ته ”اهو سڀ پاڻ ئي ٿيو آهي، مان اينٽي انفلامنٽري ڊائيٽ صحت لاءِ شروع ڪئي ۽ منهنجي لاءِ جادو وانگر ثابت ٿي.“
هن وڌيڪ چيو ته اينٽي انفلامنٽري ڊائيٽ سان نه رڳو وزن گهٽ ٿيو آهي پر مائيگرين جا دورا به گهڻي حد تائين گهٽجي ويا آهن.
جيتوڻيڪ عامر خان پنهنجي مڪمل ڊائيٽ جا تفصيل شيئر نه ڪيا، پر سندس چوڻ هو ته خوراڪ ۾ ڪيل ڦيرڦار سندس صحت تي هاڪاري ۽ واضح اثر ٿيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.